24 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪستان ۾ گدلاڻ ساليانو 20 هزار حياتيون ڳڙڪائڻ لڳي، ڪراچي ۾ 9 هزار ماڻهو موت جو شڪار:رپورٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گدلاڻ ساليانو 20 هزار ماڻهو خطري حياتي کان اڳ موت جو شڪار بڻائڻ لڳي، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ ساليانو 9 هزار ماڻهو موت جي ور ٿيڻ لڳا، عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي شهري آبادي تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن سبب گاڏين ۽ توانائيءَ استعمال ۾ واڌ سبب فضائي گدلاڻ ۾ واڌ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ گدلاڻ ڀارت، سريلنڪا ۽ ڀوٽان کان به وڌيڪ آهن، رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2007ع کان 2011ع تائين ماحول مخالف ذرن ۾ سلفرڊاءِ آڪسائيڊ ۽ سيسه سڀ کان وڌيڪ آهن، گدلاڻ سبب 5 لک ماڻهو مختلف مرضن ۾ مبتلا آهن ۽ 80 هزار ماڻهو ساهه جي بيمارين  جو شڪار آهن، ڪراچي ۾ پي ايم 2.5 گدلاڻ جي شرح 88 مائڪرو گرام في مڪعب ميٽر آهي صرف  ڪراچي ۾ 9 هزار ماڻهو موت جو شڪار ٿين ٿا، انگن اکرن موجب 20 سالن ۾ گاڏين جو انگ 20 لک کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ 6 لک ٿي چڪو آهي، ساليانو 450 موٽر سائيڪلون وڌي رهيون آهن، پنجاب ۾ سموڪ ۽ سنڌ ۾ دز ۽ ڌوڙ وڌي رهي آهي، سيمينٽ، کنڊ، اسٽيل، پاور پلانٽ ۽ تيل تي هلندڙ ڪارخانن سبب گندرف جي گدلاڻ ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ماحولي گدلاڻ صحت جي عالمي اداري جي مقرر حد کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڪوئلي جا پلانٽ اڃا تائين ناهن لڳا، اهي لڳا ته ماحولياتي گدلاڻ وڌي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

SSP violence case: Seek a record of appeal against the prime minister's appeal

سعودي عرب کان قرض وٺڻ چاهيون ٿا، آءِ ايم ايف کان سواءِ ڪو رستو ناهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر چيو آهي ته دوست ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے