22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز : دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ جنگ ۾ شھيد بينظير ڀٽو  ۽ پاڪ فوج جو اهم ڪردار رهيوآهي:سسئي پليجو

پ پ جي سينيٽر ۽ سينير اڳواڻ سسئي پليجو چيوآهي ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ خلاف هلندڙ جنگ ۾ شھيد بينظيرڀٽو  ۽ پاڪ فوج جو اهم ڪردار رهيوآهي، سندن قربانين کي وساري نٿوسگهجي.

ڌاٻيجي ۾ سلام رينجرز فٽبال ٽورنامينٽ جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي سسئي پليجو چيو تھ آمريت جي باقيات  ملڪ کي دهشتگردي تحفي ۾ ڏني.

هن چيو تھ  دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾  شهيد بينظير ڀٽو پاڻ دهشتگرديءَ جوشڪارٿي وئي پر ملڪ کي هڪ مضبوط جمهوريت ڏني جنهن جو ثمر  اڄ مخالفن کي ملي رهيوآهي.

هن چيو تھ ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگرديءَ خلاف پاڪ فوج جي جوانن قربانيون ڏيئي دهشتگردن جي  ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيوآهي، جنهن ڪري سموري قوم شهيد فوجين کي سلام پيش ڪري ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته راندين ذريعي ملڪ کي هڪ صحتمند معاشرو ڏيئي سگهجي ٿو.

سنڌ حڪومت راندين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ نوجوان صوبائي وزيرآندو جيڪو پڻ صوبي ۾ راندين جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون وٺي رهيوآهي.

ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار، فريدانصاري، ايف ڊبليو او جي سي اي او ڪرنل تيمور دراني، اورنگزيب سلطان،  عثمان ڪنڀار ، فقير نبي بخش بلوچ ، رحيم خان شورو ، فاروق پليجو ، يعقوب پليجو ،  سڪندر پنهور،  شاهد مري ۽ ٻين   پڻ خطاب ڪيو…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے