13 منگل , نومبر 2018

سنڌ ۾ وڌندڙ ان سهائي، پاڻ پڏائي، هلڪڙائپ ۽ ٽرڙائپ

تعليم جي تباهي سان سماج ۾ پاڻ پڏائي ۽ هلڪڙائپ وڌي وئي : ڪي ايس ناگپال
دنيا جي قومن جي ڀيٽ ۾گهڻو پوئتي آهيون، فلاسافر ۽ تاريخدان به پيدا نه ٿا ٿين
ماڻهو بنا ڪم ڪرڻ جي پگهار کي حق سمجهن ٿا، ڪم جا وري ڌار پئسا ورتا وڃن ٿا
سڀني کي ڏيئا ٿي روشني ڦهلائڻ گهرجي جيئن سماج روشن ٿي سگهي: پروگرام ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڪي ايس ناگپال چيو آهي ته دنيا جي قومن جي ڀيٽ ۾ اسان تمام گهڻو پوئتي پئجي ويا آهيون، اسان وٽ ايجادون ته ڪونه ٿيون ٿين پر فلاسافر ۽ تاريخدان به پيدا نه ٿا ٿين جنهن جو سبب تعليم جي تباهي آهي، اسان سماج ۾ اڻ سهائي پاڻ پڏائي، هلڪڙائپ ۽ ٽرڙائپ وڌي وئي آهي، جنهن ڪري ڪير به ڪنهن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، عوامي آواز ٽي وي جي تصوير سنڌيلو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام چڻنگ ۾ ڳالهائيندي پروفيسر ناگپال وڌيڪ چيو ته ماڻهو بنا ڪم ڪرڻ جي پگهار کي حق سمجهن ٿا ۽ ڪم ڪرڻ جا وري الڳ ڏوڪڙ وٺن ٿا، هن چيو ته اسان ٻين کي ڏيڻ سکيو ئي نه آهي ۽ ٻين کي تباهه ڪرڻ لاءِ پنهنجون توانايون ضايع ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ٻين کي تڪليف ڏيڻ ۾ سڪون وٺون ٿا پر حقيقت اها آهي ته ٻين جي زندگين ۾ سک ۽ سهولت پيدا ڪرڻ سان اسان جي پنهنجي زندگي آسان ٿي ويندي، اسان ڪنهن کي دڳ به ابتو ٻڌائي ڇڏيندا آهيون ڪنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون. هن چيو ته ڪاميابي جو بنياد جيڪڏهن سچ تي ناهي ته اها ڪاميابي ناهي، ٿورا ماڻهو به جيڪڏهن سچ سان بيهن ٿا ته انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان سڀني کي ڏيئا ٿي روشني ڦهلائڻ گهرجي ته جيئن سماج روشن ٿي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: گم ٿيل  نوجوانن  حاڪم چانڊيو ۽ آفتاب چانڊيو جي وارثن جو سندن بازيابي لاءِ احتجاج

*حيدرآباد  ۾  گم ٿيل  نوجوانن  حاڪم چانڊيو ۽ آفتاب چانڊيو جي وارث عورتن  ۽  ٻارڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے