20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: ميرپورخاص: وڪيلن آمريت خلاف پاڻ ملهائي جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪون هلايون: ضياءَ لنجار

قانون واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار  چيو آهي ته وڪيلن هر دور ۾ آمريت خلاف پاڻ ملهائي جمهوريت جي بحالي لاءِ  تحريڪون هلايون آهن.

ميرپور خاص ۾ بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي قسم کڻائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ضياءُ الحسن چيو ته وڪيلن جو سماج جي اٿل پُٿل  ۾ واکاڻ جوڳو ڪردار آهي.

تقريب کي خطاب ڪندي هن ميرپور خاص جي وڪيلن لاءِ هائوسنگ سوسائٽي جي اڏاوت ڪرڻ بابت  50 لک رپين جي گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته وڪلين جي رهنمائي لاءِ هو بار ايسوسيئشن جي لائبريري لاءِ وڌيڪ قانون جا ڪتاب مهيا ڪندو.

تقريب دوران بار جي چونڊيل نمائيندن ايڊوڪيٽ جان علي جوڻيجي، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ شوڪت راهمون ۽ ٻين عهديدارن کي حلف کڻايو ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے