20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: ميرپورخاص: ڪوٽ غلام محمد پوليس  جو ڦورن سان مقابلو، ٽي ڄڻا گرفتار

ڪوٽ غلام محمد پوليس ايس ايچ او آفتاب رند جي اڳواڻي ۾ جمال شاهه ڦاٽڪ ڀرسان مقابلي  بعد ٽن ڦورن راشد پنهور، بابو خاصخيلي ۽ آصف لغاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان  ڦر ٿيل 50 موبائيل فونز، 3 ٽي ٽي پسٽل ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،  گرفتار جوابدارن تي ڌار ڌار 4 ڪيس داخل ڪيا ويا.

ان  موقعي تي ايس ايچ او  آفتاب رند عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو  تھ گجهي اطلاع ملڻ تي جمال شاهه ڦاٽڪ لڳ ڦر جي تاڙ ۾ بيٺل هٿاربندن سان مقابلو ڪري ٽن جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

 هن چيو تھ  ڏوهاري مختلف ڦرن جي واقعن ۾ ملوث هئا،.جوابدارن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

پوليس جي اهڙي ڪاروائي تي ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي عوام ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران پوليس جي ساراهه ڪئي پئي وڃي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے