20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز : آءِ جي سنڌ پاران نقيب قتل ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع

آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه نقيب الله قتل ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ نقيب الله ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي.

 آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه نقيب الله قتل ڪيس ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نقيب الله محسود جي پروفائيل جو جائزو ورتو ويو، بادي النظر ۾ پوليس مقابلو جعلي هو، نقيب الله کي پوليس 2 دوستن سان گڏجي 3 جنوري تي کنڀيو، نقيب الله کي غير قانوني قيد رکي تشدد ڪيو ويو.

 رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نقيب الله جي دوستن قاسم ۽ حضرت علي کي 6 جنوري تي آزاد ڪيو ويو،  پوليس آفيسر نقيب الله محسود کي هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ منتقل ڪندا رهيا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته رائو انوار ڄاڻي ٻجهي ڪميٽي اڳيان پيش نه ٿيو جڏهن ته هن جعلي دستاويزن تي ملڪ مان ڀڄڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے