22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز : اسلام ڪوٽ: بااثرن پاران قبرستان تي قبضي خلاف ميگهواڙ برادري جو ڌرڻو

اسلام ڪوٽ ۾ بااثرن پاران قبرستان تي قبضي خلاف ميگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن  احتجاجي مظاهرو ڪيو.

باءِ پاس روڊ تي ٽاڀي فقير قبرستان جي زمين تي بااثرن جي  قبضي خلاف ميگهواڙ برادري جي سوين ماڻهن ۽ عورتن جو عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل وسندٿري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

باءِ پاس تي ڌرڻي سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون  جڏهن تھ  ٽريفڪ جام ٿي وئي.

اطلاع تي مختيارڪار غفار لاکير اڳواڻڻ سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڌرڻي واري هنڌ پهچي ويو، جڏهن تھ مختيارڪار  قبرستان تان قبضا هٽرائڻ لاءِ ڳري مشينري طلب ڪري ورتي .

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ جيستائين قبرستان تان بااثرن جا قبضا ختم نھ ڪرايا  ويندا اوستائين ڌرڻو جاري رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے