24 بدھ , اکتوبر 2018

لاڙڪاڻي جا ڏينهن لاڙڪاڻي جون راتيون:مشتاق باگاڻي

لاڙڪاڻي ۾ اسانجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ويچاري جيڪمابادي (جيڪب آبادي) ليبر انسپيڪٽر جي ستت ئي بدلي ٿي وئي ۽ لاڙڪاڻي شهر جي رهواسي مسٽر غلام سرور ڀُٽي ان جي جاءِ تي لاڙڪاڻي پهچي چارج سنڀالي رعب دار، ڳرو مڙس، بهترين امپورٽيڊ لنڊابازاري ڦل سوٽ ۾ ملبوس، ٽوٽڪن (لطيفن) ٻڌائڻ جو ماهر، کلڻ جي کاڻ، لاغرض پر سنگت جو سچو، اهو هو سرور ڀٽو.

پهرين ڏينهن ئي مونکي وٺي هلي ڊي سي لاڙڪاڻي مسٽر شاهد عزيز صديقيءَ سان ڪرٽسي ڪال ڪيائين. مسٽر ديناري ۽ ٻين روينيو ملازمن سان ملايائين جيڪي اڳئي هن جا دوست ۽ حال ڀائي هئا. انهن سان روز ملڻ جا واعدا وعيد وٺي وڃي مارشلا جي ميجر صاحب سان ملاقات ڪرايائين. اهو به هن جو اڳئي واقفڪار هو. هڪ هينڊسم پنجابي نوجوان فوجي آفيسر ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ ڏيکاري جو آئون حيران ٿي ويس. با ادب ۽ بااخلاق شخص ڪابه تڪليف ۽ ڏکيائي پيش اچڻ جي صورت ۾ هر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريائين. آئون ڇهه مهينا لاهور ۾ رهي آيو هوس، پنجابين جي پيار ۽ همدرديءَ جون يادون اڃان ڪونه وسريون هيون، پنجابي شاعرن ۽ اديبن سان ملاقاتون ڪيون هيم، پنجابي ادب پڙهيو هوم، هڪڙي فوجي ليکڪ ڪرنل محمد خان جو ڪتاب، ‘‘به جنگ آمد’’ پڙهي چڪو هوس ۽ ان کان گهڻو متاثر هوس.

آئون رنجيت سنگهه کان هميشه خوف زده رهيو آهيان پر وارث شاهه، بلي شاهه، غلام فريد ۽ هاڻ احمد سليم به ته پنجاب جا ئي هئا. پراڻي تاريخي دور ۾ سڄو پنجاب حڪومت سنڌ جو صوبو رهيو، سنڌو ماٿريءَ جي ساڳوڻي تهذيب جي ٻن سرواڻ همعصر شهرن هڙپا ۽ موهن جو دڙو جي لوڪن جا هڪ ٻئي سان دوستاڻا واپاري ناتا رهيا. پرائمريءَ کان وٺي پنجابي دوستن سان گڏ پڙهياسين. اسانجي ڳوٺ جي چوڌاري پنجابي آبادگارن جا ڳوٺ هئا. سڀئي هڪ ٻئي جا همدرد ۽ حال ڀائي هئاسون، چوري چڪاري يا ڪنهن ٻي آپدا مهل هڪ ٻئي تي ڪک به ڪونه سهندا هئاسين. وڏي ڳالهه ته منهنجي بابا جا سٺ سالن کان سڀئي هاري پنجابي هوندا هئا. جن جي گهرن ۾ راند کيڏي وڏا ٿياسين.

آئون ۽ منهنجو سئوٽ جهنڊو خان فريڪئنٽلي پنجابي زبان انهن جي ئي ڊائليڪٽ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. آئون انهن ئي خيالن ۾ هوس ته ميجر صاحب حڪم ڪيو ته ميس ۾ هلي ماني کائو. اسان ڏاڍي ڪچهري ڪري واپس آياسين. رستي ۾ ڏاهاڻين جا ٻه ٽي همراهه سرور کي جهڪي احترام سان مليا. ڀاڪر پائي ٽهڪ ڏنائون، هٿ ٻڌي ڪنهن به حڪم احڪام جي بجا آوريءَ جو وچن ڪيائون. ياد رهي ته ڏاهاڻي لاڙڪاڻي شهر جا ڏاڍا جوان سڏيا ويندا هئا، مونکي پنهنجي جاءِ تي ڇڏي غلام سرور ڀٽو پنهنجي گهر هليو ويو.

سجُ لهي انڌارڙو ٿيو ۽ هئو مئو ٽري ته ٻاهران سڏ ٿيو. وڃان ته هڪ ٽانگي تي سرور ڀٽو اڳيان ويٺل هو، پويان مسٽر ديناري ۽ روينيو جا ٻيا عملدار مونکي پاڻ سان هلڻ لاءِ چيائون. آئون به رواداريءَ ۾ هائوڪار ڪري خان ٿي سرور سان گڏ اڳيان ٿي ويهي رهيس. آئون نه رستن جو واقف نه منزل جي خبر، نيٺ هڪڙي جاءِ تي اچي بگي بيٺي، هيٺ لٿاسين، اتي بيٺل ٻن همراهن اسان سان گڏ آيل عملدارن کي سلامي پيش ڪئي. بازار ۾ گهڙياسين، هر سو تنوارون ۽ ڇيرين جون ڇمڪارون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. خبر پئي، اهو هو هڪ ڪوچهءِ خوبان. آئون سڌو سادو، لڄارو انسان، انهن شاطر شهزادن جي پويان لڳي پيس. هو کڙپيل کيڏاري، آئون اياڻو اڻڄاڻ، نيٺ هڪڙي جاءِ تي هلي ڪڙو کڙڪايائون. در کليو ٻنڀي مان ٻهڪندڙ ۽ چنڊ جيان چمڪندڙ چهرو نمودار ٿيو. آداب بجا آڻي هلي نرم غاليچي تي ويهاريائون. اسين گائو تڪين (وڏن وهاڻن) تي ٽيڪ ڏيئي بالم ٿي ويهي رهياسين. شڪار دام ۾ ڦاسي چڪو هو. هاڻ پڇتائڻ بي سود هو. اسين پاڻ کي زاهد سمجهڻ وارا رندن جي ڄار ۾ اچي ڦاٿاسين. عطار، رومي، سنائي، سعدي کي پڙهڻ وارا هتي حافظ، خيام، نظيري ۽ جامي واري لڏي ۾ اچي لٿا هئاسين. سامهون ساقي گل اندام هو ۽ منهنجي ساٿين جو حال اهو هو جو:

من بي مئي ناب زيستن نتوانم،

بي باده ڪشيد بارتن نتوانم

من بنده آن دهم ڪه ساقي گويد،

يڪ جام دگر بگير من نتوانم (خيام)

هاڻ ته بس هڪڙي صورت باقي وڃي بچي هئي جو ساقي اٿي ۽ مئي کي محفل ۾ گردش ڪرائي. ممڪن آ ان طرح ‘غمِ جهان’ تباهه ٿئي، بس….

ايتري ۾ ڇيرين جا ڇمڪار ٿيا، سازندن ساز سنوان ڪيا، الاپ ۽ ورلاپ شروع ٿيا، ڪنهن شاعر جون صدائون آهون بڻجي مٺڙي ۽ درديلي آواز ۾ گونجڻ لڳيون. مونکي ديوارون ڏڪندي ۽ ڇتيون ڪنبندي محسوس ٿيون. ساري گاما پاڌا نيسا جا سر صدائون بڻجي هوائن ۾ رقص ڪرڻ لڳا. خيالن جي پرواز ماضيءَ جي مڪانن ڏانهن وڃي پهتي، هندستان ۾ راڳ کي ديوتائن جي ايجاد سمجهي پوڄا پاٺ جو ذريعو بڻايو ويو. راڳ ۽ راڳئين کي ديوتائن جي پٽن ۽ ڌيئرن جا نالا ڏيئي ڌرمي ويساهه جي دائري ۾ آندو ويو. راڳ جي انداز جو اهو سفر جاري رهيو.

جڏهن امير خسرو جو دور آيو ته هن راڳ جو صوفياڻي ۽ شاعراڻي انداز ۾ ان جو اظهار ڪيو. اڳتي هلي مسلمان مغل بادشاهن راڳ کي ڪلچر جو ورثو سمجهي ان کي عروج تي رسايو. ستن مان ٻارهن سُر ايجاد ڪيا ويا. موسيقيءَ کي حاڪمن جي محلاتن ۽ شرفا جي گهرن تائين رسائي حاصل ٿي. راڳ جي تربيت لاءِ باقائدي استاد گويا تيار ٿيڻ لڳا. ڪلڪتي، لکنو ۽ لاهور کي مرڪزي حيثيت حاصل ٿي. راڳ هڪ مضبوط اداري جي شڪل اختيار ڪري ويو. آئون انهن خيالن ۾ گم سم هڪڙي ڪنڊ ۾ خاموش ٿيو، پنڊ پهڻ بڻيو، سوچي رهيو هوس ته هي دنيا ڪيڏي نه حسين آهي ۽ فن ان کان به وڌيڪ خوبصورت. سر وليم جونس جو جملو “An art confined to the pleasure of imagination”  ڪيڏو  نه ٺهڪي ٿو بيهي. عشق، حسن، نازو ادا ۽ مجبور دليون شاعريءَ جو موضوع رهيون آهن. غلام محمد شاهه گدا جون هي سٽون منهنجي ذهن تي تري آيون:

اي ڪمان ابرو يڪ نظر ڪافي است،

مرغ دلَ جو اچي شڪار ڪجي

دل کسي يار ٿو وڃي مخفي

ناهه لازم ته اشتهار ڪجي

ڪانه ٻي ڪائي ڪار بار ڪجي

عشق بازي کي اختيار ڪجي

عاشق آهين ته وٺ صلاح ‘‘گدا’’

نازنينن تي جان نثار ڪجي

اسين راڳ ٻڌندا رهياسين، لفظ پوپٽن وانگر پرواز ڪرڻ لڳا، سرور جا ساٿي ساٿاري جهومڻ ۽ نوٽ وسائڻ لڳا. مونکي انهن مان هڪڙي چيو ته جي هنن فنڪارن کي ڏوڪڙ نٿا ڏيو ته اسان کي کليا پئسا ڏيو. مون چيو هائو کُلي ڏيسان. رات جو دير سان موٽي آياسين. ٻئي ڏينهن سرور ڏاڍو پشيمان ٿيو، مونکي پوءِ ڪڏهن به اوڏانهن وٺي ڪونه هليا، ٽوڪ ضرور ٺهي وئي، ‘‘کُلي ڏيسان پر اِهن ڪون ڪونه ڏيسان’’. سرور جي ان قسم واري سنگت ۾ لامقصديت، آوارگي ۽ ذهني انتشار کان علاوه ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿي نظر آيو. ان کي مغربي اثر چئجي يا مشرقي روايت، منهنجي سمجهه ۾ به ڪونه ٿي آيو. ڇا مشرق بيدار ٿي چڪو هو، ساحر جي هيءَ سٽ.

‘‘ثناخوان تقديس مشرق ڪهان هين’’

ڪنهن جا پڙا ڦاڙي رهي هئي. دنيا ڪا رهڻ جي ۽ دل لڳائڻ جي جاءِ هئي، رهبر ته چيو هو.

‘‘هڪ جي نه ڄاياس، ٻيو ڄا پندي جي مران’’

اهو وڏو خوش نصيب آهي جو هن غمڪدي ۾ اچڻ کان بچي ويو. هي سڀ رنگ زندگيءَ جي فلسفي تي طنز کان وڌيڪ ڪجهه ڪونه هو. سرور ڏکايل انسان هو، هن کي سُڪون جي تلاش هئي، هن کي شايد زندگيءَ کان اهڙي فراريت ۾ اهڙو سڪون ملي ٿي سگهيو، نه ته سرور جي سنگت ۾ اعليٰ اخلاق جا ڌڻي نهايت ئي معتبد قسم جا انسان به هئا، جن سان ملي رهائيدن ڪري روح رچندو هو ۽ راحت ملندي هئي. ٻئي ڏينهن سرور مونکي وٺي هلي پنهنجي هڪ امير دوست سان ملايو. نالو هوس قائم شيخ، ويٺا ئي هئاسين ته ان جو ننڍو ڀاءُ سمس شيخ به اچي نڪتو، رمي راند شروع ٿي وئي. آئون غريب جو ٻار اهڙين ڳالهين کان گهڻو لهرائيندو هوس، هو اميراڻا جوان، ماهر رانديگر پر سرور انهن کي سٺي چوٽ ڏيئي اٿيو. انهن خوش دليءَ سان گهران بهترين طعام رڌرائي، تباخن ۾ سجائي کڻي آڻي اڳيان رکيا. انهن خانواڌن جا خونچا کائي پي موڪلائي موٽياسين ته سرور ٻئي ڏينهن پنهنجي هڪ ٻئي پياري دوست سان ملائڻ جو واعدو ڪيو.

شام جو اسين هلي وڃي هڪ جاءِ ڀيڙا ٿياسين. هڪ ڪمري واري آفيس ۾ سهڻي وجاهت وارو اڌڙوٽ شخص، هڪ ڪلين شيو، سفيد لباس، سڪم مڙس، ٽائيپ رائيٽر تي ڪجهه ٽائيپ ڪري رهيو هو. واقفيت ٿي، اهو هو انور جتوئي. وڏو قابل شخص، انتهائي پر اعتماد لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو. قانون جو وڏو ڄاڻو هو، ان يار سان ڪچهري ڪري واپس آياسين.

ان دور ۾ سُڪي پگهار تي گذران ڪرڻ وارن ملازمن کي پنجويهين تاريخ کان وٺي لاڳاپيل خزاني آفيس جا پنڌ ڪري پگهار جا بل پاس ڪرائڻا پوندا هئا. پوءِ پهرين تاريخ اهي بل کڻي وڃي نيشنل بئنڪ جي اڻ گهڙيل ۽ اڻ پڙهيل عملي جي اڳيان بيهڻو پوندو. سرور جي ڪري اهو به اسانجي لاءِ سنهنجو ٿي پيو. پهرين تاريخ پٽڪو ٻڌي پگهار جو بل کڻي وڃي نيشنل بئنڪ جو در جهليوسين، بئنڪ جو مئنيجر مسٽر گُرياڻي سرور جو دوست نڪري پيو. ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي آفيس ۾ ويهاريائين، بئنڪ ۾ پير رکڻ جي جاءِ ڪانه پر همراهه وڏي ڦڙتائيءَ سان قلم کي ڪاهيندو عملي کي همٿائيندو، ماڻهن کي فارغ ڪندو رهيو. ٿوري دير ۾ اسانکي به پگهار ملي وئي، ڏاڍا ٽهڪ ڏيندا، خوشيءَ ۾ ڪڏندا اچي آفيس پهتاسين.

اڄ اسين سرور جي هڪ اهڙي دوست سان ملاقات ڪرڻ وارا هئاسين، جنهن جي ڏاهپ، دانائي، رواداري، خوش اخلاقي ۽ قابليت لاڙڪاڻي ۾ عام آشڪار هئي. ان سادي ۽ سهڻي طبيعت واري جوان جو نالو هو انور علي کوکر. اسين وٽس پهتاسين ته پيار ڀري مٺڙي مسڪراهٽ سان اسان جو آڌرڀاءُ ڪيائين. هو ڪٿي ايس ڊي ايم لڳل هو ۽ ويڪ اينڊ تي پنهنجي شهر لاڙڪاڻي آيل هو، لاڙڪاڻي جي خشڪ ۽ ڪوسي ماحول ۾ پلجي وڏو ٿيل، الائي ڪيئن  ٿڌي طبيعت، رومانٽڪ مزاج ۽ همدرداڻي رويي ۾ هلول ٿي ايڏو اڳتي اڀري آيو، هي صاحب اڳتي هلي ڊپٽي ڪمشنر، روينيو آفيسر بڻيو ۽ آخر سيڪريٽري ٽو گورنمينٽ آف سنڌ جي عهدي تان رٽائر ٿيو.

هن صاحب تي آئون پنهنجي اردو ڪتاب، ‘‘ڪراچي تجهي سلام’’ ۾ ڳچ لکي چڪو آهيان. هتي ان کي رپيٽ ڪرڻ نٿو چاهيان. اسين دير تائين هن جي ڪچهريءَ مان محضوظ ٿيندا رهياسين، ڪافي عرصو سرور جي سنگت سان سٺو ساٿ رهيو.

اوچتو هڪڙي ڏينهن منهنجو ديرينا دوست غلام رسول سانگي ويسرندي اچي وارد ٿيو. هن يار سان پهرين ملاقات 1967ع ۾ ميرپور بٺوري ۾ ٿي هئي. جتي آئون جي ٽي ايس جي هڪ ننڍڙي نوڪريءَ جي بهاني ترسيل هوس. سانگي ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ فيلڊ اسسٽنٽ جي نوڪريءَ تي چڙهيل هو. اهي اسانجي البيلائي ۽ الهڙ جوانيءَ وارا ڏينهن هئا. ان دور جا قصا ۽ ڪهاڻيون ڪنهن ٻئي ڀيري شيئر ڪنداسين. اڄ سانگي پنهنجي ڳوٺ هلي رات رهڻ جي دعوت ڏيڻ آيو هو. سندس ڳوٺ لاڙڪاڻي کان چنڊ ميلن جي مفاصلي تي اتر طرف هو. اها سارين جي پڇڻ جي مند هئي. هر طرف سارين جا کيت هئا. ڌرتي اوڀڙ اڀاري ٻهڪي رهي هئي. ساريالي فصل ۾ سونيون واليون پنهنجي آب و تاب سان چلڪندي ۽ چمڪندي ٿي نظر آيون. اسين شامڙيءَ ڌاري هن جي ڳوٺ پهتاسين. سهڻو ڳوٺ، سهڻا ماڻهو، سهڻو مال، هر گهر کي پنهنجا ڏاند ۽ ڏاند گاڏي، سانگيءَ وٽ فقط ٻه جريب زمين ڳوٺ جي پاسي ۾ هئي. هن جي سارين جو فصل سڀني کان سٺو ٿيل هو. هن کي ٻارهين مهيني جو ان اتان ٿي آيو. ٻنهي ڀائرن وٽ ننڍڙيون نوڪريون هيون. گهر جو خرچ پکو ان مان ئي هلندو هو. ساري رات ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندي گذري وئي. صبوح جو سچي گيهه جا پڪل اڦراٽا کائي شهر موٽي آياسين. سانگي پوءِ اها نوڪري ڇڏي ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن ۾ ويو ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج دادوءَ مان پرنسپال جي عهدي تان رٽائر ڪري ڊفينس ڪراچيءَ ۾ اسي گز جي پلاٽ تي گهرڙو ٺاهي، پنهنجي ڀاءُ سان گڏ لاڙڪاڻي مان لڏو کڻي وڃي رهائش پذير ٿيو. سڀ سانگي سچڙا ۽ سٻاجهڙا انسان هئا. عبدالغفور سانگي يو بي ايل ۾ آفيسر هو. اخلاق فهميدائي، ڏاهپ رواداريءَ جو مجسمو هو. هن مهربان دوست جا قرب ۽ احسان وسارڻ جا ناهن، اعليٰ پائي جو انسان هو.

لاڙڪاڻو بلاشڪ سهڻو شهر هو، سهڻيون سينگاريل بازاريون، اناج مارڪيٽ، فروٽ مارڪيٽ، واپار جو خوب چلتو، هر قسم جون سستيون سبزيون، خاص طور تي بهه ۽ چڻن جي پلي. پٽ تي رکي وڪڻندڙ سادڙا سنڌي بروچ، مڇي آل جال، شهري طبقو خوشحال، سهڻو سيبتو عمدي لباس ۾ نظر ايندو هو. سادگيءَ ۾ گذاريندڙ ٻهراڙيءَ جو عوام اڪثر گوڏ ۽ خميس ۾ گذاريندو هو. کاڌي ۾ رات جو چانور کاڌا ويندا هئا، لاڙ وانگر لاڙڪاڻي ۾ ماني چانورن جي اٽي جي پچائي ويندي هئي. سياري ۾ لاڙڪاڻي جي مشهور ڍنڍن ڊرگهه ۽ لنگهه يا ٻين پاڻين مان وانجهارن ۾ ورتل روهاڪي پکي، چوري ڇپيءَ شهر ۾ وڪامڻ ايندو هو. هي اهي خوبصورت ڍنڍون هيون جن ۾ ڪيترن ئي حڪمرانن خوب شڪار ڪيا.

ٻهڪندڙ ۽ چمڪندر لاڙڪاڻو هاڻ ماضيءَ جو داستان بڻجي چڪو هو. ان داستان جو هڪڙو باب سنبارا هوٽل وڃي بچيو هو، مونکي هينئر سڏڪن ۽ سسڪين ۾ ورتل لاڙڪاڻي ۾ ٽي سال ڪاٽڻا هئا. لاڙڪاڻي جي سياست تي لکڻ جي طاقت منهنجي قلم ۾ ڪانه هئي، تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي لکڻ جي البت ڪوشش ڪندس. مون اڃان تائين موهن جو دڙو جي ڳالهه ڪانه ڪئي آهي. جنهن جي ڏسڻ لاءِ اکيون سڪنديون هيون، هاڻ ور ور ڪري ڀيرا پيا ڀڃبا هيا. سوچان ٿو ان تهذيب جي طويل داستان تي ڪو ڪتاب لکان. اهو تاريخي پيرائي ۾ هجي يا علي بابا جي ناول ‘موهن جو دڙو’ جي طرز جهڙو ڪتاب، دل اڃان فيصلو ڪري ڪانه سگهي آهي.

آئون جڏهن به نصيرآباد ويندو هوس، واپسي باڊهه واري رستي سان ٿيندي هئي، جتي منهنجي ڳوٺاڻن جو محبوب شاعر شيرل باڊاهي آرامي هو. شيرل باڊاهيءَ جا ڪلام اڪثر ناچو ڳائڻا فنڪار ميلن تي اچي ڳائيندا هئا، جيڪي سامعين جي زخمي دلين تي مرهم جو ڪم ڏيندا هئا.

‘‘باڊهه جي بازار ۾، سهڻن جي قطار ۾’’.

باڊهه کانپوءِ ڏوڪريءَ اچبو هو، جتي حيدر جويو جو مسڪن هو، اتان کان سڌو موهن جو دڙو اچبو هو، جيڪو دنيا جي عظيم ته تهذيبن جو سرواڻ هو، اتي روئي رڙي اوڇنگارون ڏيئي منهن انڌارڙي لاڙڪاڻي پهچبو هو، موهن جا دڙا منهنجو توکي سلام!

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے