16 منگل , اکتوبر 2018

نوجوانن کي اعلي تعليم جي راهه ڏيکاريندڙ ڪتاب دنيا جون درس گاهون:ذوالفقار راڄپر

اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي دنيا ۾ رابطي ۽ معلومات جي جديد سائنسي نعمتن جي موجود ۽ هر روز ترقي وٺندڙ ذريعن جي ڪري نوجوانن ۾ اعلي تعليم وٺڻ جي لاءِ آمريڪا، يورپ ۽ چين وڃڻ لاءِ خوابن جو سلسلو تيزي سان اڳتي وڌي تعبير وٺڻ جون خواهشون کين منزل حاصل ڪرڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ به تيز ٿي وئي آهي خاص طور جڏهن ملڪ اندر تعليم ۽ روزگار جي سلسلي ۾ سفارش ۽ سياسي مداخلت ڪري نوجوانن ۾ فراريت سان گڏ نيون راهون وٺڻ جا جذبا به بيدار ٿيا آهن، جنهن جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا آهن ۽ هاڻي سنڌ جو نوجوان لاهور ۽ اسلام آباد کان وٺي آمريڪا، جرمني، بحرين ۽ چين تائين پنهنجي تعليمي ۽ ذهني صلاحيتن جي ڪري تعليم ۽ روزگار ۽ واپار جي سلسلي ۾ اتي پاڻ مڃرائي رهيو آهي، ان کان اڳ اهڙن خوابن جي تعبير رڳو نوابن ۽ جاگيرداران جي اولاد جي حصي ۾ ايندو هو. اڳ ۾ اسان لاءِ ٻاهرين دنيا جو سير ۽ سفر جو ذريعو الطاف شيخ جا سفرناما هوندا هئا پر هاڻي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي جديد ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي جيڪا ڳالهه  ان جديد تعليم  ۽ سيڪيولر معاشري ۽ ملڪن جي ڏنل نعمتن مان هڪ نعمت آهي  جنهن ۾ خاص طور اتان جي يونيورسٽين جو وڏو ڪمال آهي،جنهن ڪارل مارڪس، هيگل،ڊارون ،آئن اسٽائن، اسٽيفن هاڪنگ وغيره جهڙا دنيا کي جنت ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ صحت مند سائنسي ۽ ڪائنات جي وجود تي پراڻين ڪٿائن ۽ عقيدن کي رد ڪندڙ نظريا ۽ فلسفا  ڏئي نه فقط انسان کي قدرت جي محتاجي کان ڪافي نجات ڏياري آهي پر انهن جي زندگين ۽ عمر ۾ به اضافو ڪيو آهي.سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ اسان کي اهڙي نئين روشني ڏيندڙ ادارن جوسولو رستو ۽ واٽ گهر ويٺي سنڌ جي نامياري تعليم دان، شاعر ۽ سماجي خدمتن جي سرواڻ سائين مختيار سمون صاحب پنهنجي ڪتاب ”دنيا جون درس گاهون ڀاڱون پهريون يورپ جون يونيورسٽيون“ ۾ ڏنو آهي، مختيار سمون صاحب جو هي وڏن بين الاقوامي تعليمي ادارن جو سير سفر ۽ بنيادي گهربل ڄاڻ تي ٻڌل ڪتاب آهي هن جي روبرو مشاهدي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي وسيلي ۽ اتي پڙهندڙ سنڌي شاگردن سان ڪيل رابطي جي وسيلي لکيو ويو آهي، هن ڪتاب ۾ آيل مضمون هڪ اخبار جي ميگزين ۾ سلسليوار طور 12 اپريل 2013ع  کان شروع ڪندي اڍائي سالن تائين مسلسل 11 نومبر 2017ع تائين لکيا ويا هئا، جيڪي ايترا ته مقبول ٿيا جو نوجوانن جو هڪ وڏو تعداد مختيار صاحب کي فونين ۽ روبرو ملاقاتن وسيلي بار بار آفرين ڏنو ۽ عمر ڪوٽ مان ته ٻه نوجوان سيڙجي وڏو سفر ڪري لاڙڪاڻي پهتا ۽ اچي ناليج سينٽر تي هن سان ملاقات ڪري وڌيڪ روبرو اتساهه ورتو، نوجوانن طرفان ملندڙ ان بي پناهه موٽ ۽ دلچسپي کي ڏسندي مان سميت هر دوست کيس انهن اهم مضمون کي ڪتابي شڪل ڏيڻ جي مسلسل صلاح ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ”يورپ جي يونيورسٽين بابت دنيا جون درسگاهون ڀاڱون پهريون“ اسان جي هٿن ۾ اچي ويو آهي، جنهن کي پڙهڻ سان نه فقط يورپ پر اتان جي تعليم ۽ تعليمي ادارن جي تاريخ ملي ٿي پر  انهن ۾ عظيم فيلسفين ۽ سائنسدانن کان سواءِ پاڪستان سميت ٻين ملڪن جا حڪمران، سياستدان ۽ عمران خان سميت ٻيا نامور رانديگر پڙهي چڪا آهن.هن ڪتاب جي پيش لفظ ”درسگاهن سان دل لڳيءَ جي ڳالهه“ ۾ مختيار سمون پهرين لفظن جي شروعات به ڏاڍي  دلڪش لکي آهي ته ”درس گاهن جي دنيا به ڏاڍي دلچسپ، دلڪش، دلپزير، دلربا ۽ دل لڀائيندڙ هجي ٿي…حقيقت ۾ درس گاهون متحرڪ زندگي جون علامت هونديون آهن، هي شعور ۽ ساڃاهه جون اهڙيون جڳهيون هونديون آهن جتي ماڻهو جو ذهن، علم. عقل ۽ فهم جي روشني سان منور ٿي دنيا جهان جا وڏا وڏا اسرار پسي وٺندو آهي.“ سمون صاحب ڪل 125 يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن تي تحقيقي مضمون لکيا آهن،جن کي ٽن ڪتابن ۾ سهيڙيو ويو آهي، جنهن جو هي ڀاڱون پهريون ڪتاب يورپ جي 44 چونڊ يونيورسٽين جي معلومات تي ٻڌل ڪتاب آهي، جنهن ۾ صرف 22 يونيورسٽيون برطانيا جون آهن، جن مان ڪيترين يونيورسٽين جو مختيار سمون خود پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو آهي، جنهن ۾ هن جي ميزبان دوستن ڊاڪٽر علي نواز مهر ۽ ڊاڪٽر دائم علي دربان کيس سٺو ساٿ ڏنو آهي.هن ڪتاب جي پهرين مضمون ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه پيدا ڪندڙ۽ سڄي دنيا ۾ مشهور آڪسفورڊ يونيورسٽي بابت اهم معلومات ڏني وئي آهي، هن مضمون پڙهڻ کان پوءِ اسان کي هڪ لک 65 هزار آبادي واري لنڊن کان 60 ميلن جي مفاصلي تي موجود تاريخي شهرآڪسفورڊ جي تاريخ کان سواءِ اها خبر پئي ٿه ته اها يونيورسٽي ڪنهن عام رواجي يونيورسٽي وانگر هڪ جاءِ تي چارديواري ۾ بند ڪو تعليمي ادارو نه آهي بلڪ اها يونيورسٽي 38 ڪاليجن ۽ 18 پرائيويٽ هالن جو نالو آهي، جيڪي هڪٻئي کان پري رهڻ کان سواءِ خودمختيار به آهن،جنهن جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج مان اڳوڻي وزيراعظم مرحوم ذوالفقار ڀٽو ۽ مرحوم بينظير ڀٽو وري ليڊي مارگريٽ هال مان  تعليم حاصل ڪئي هئي.ڪتاب ۾ ڪيمبريج يونيورسٽي،باٿ يونيورسٽي سان گڏ لنڊن يونيورسٽي آف ايڪنامڪس ائنڊ پوليٽيڪل سائنس ، 8 نوبل انعام حاصل ڪندڙ برمنگهم يونيورسٽي،ارتقا جو سائنسي نظريو ڏيندڙ عظيم سائنسدان، فون ايجاد ڪندڙ سائنسدان گراهم بيل پيدا ڪندڙ يوينيورسٽي ايڊنبرا، جنهن ۾ اسان جي ملڪ جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پڻ تعليم حاصل ڪئي آهي، 5 صدين جي تاريخ رکندڙ اسڪاٽلينڊ جي گلاسڪو يونيورسٽي، ٽئگور ۽ گانڌي کي تعليم ڏيندڙ يونيورسٽي ڪاليج لنڊن، دنيا جي عظيم ۽ سرمائيداري سامراج کي ڌوڏيندڙ فلسفي ۽ سياستدان ڪارل مارڪس ۽ عظيم سائنسدان آئنسٽائن کي تعليم ڏيندڙ همبولٽ يونيورسٽي آف برلن، جرمني، اٽلي،يونان، بلغاريه، ڊينمارڪ،اسپين،نيڌرلينڊس جي 400 سال پراڻي يونيورسٽي، نيوزيلينڊ،ناروي سميت ٻين يورپي يونيورسٽين بابت ڄڻ ته روبرو گهمندڙ مضمون ۽ معلومات موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ اهو به اتساهه ملي ٿو ته سنڌ جي ننڍن ڳوٺن ۽ علائقن جا سنڌي شاگرد به اتي تعليم وٺن ٿا ۽ لاتعداد سنڌي نوجوان اتان ڊگريون به وٺي چڪا آهن،هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ سنڌ جي نوجوانن کي انهن تعليمي ادارن ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ وٺڻ لاءِ واٽون ۽ رستا ملي ويندا.

هاڻي سنڌ جي نوجوانن کي ايشيا، آمريڪا، آسٽريليا، آفريڪا جي يونيورسٽين جي سير سفر ۽ معلومات تي ٻڌل ٻين مضمونن جو بيحد گهڻو انتظار آهي، مختيار سمون صاحب کي اها به صلاح ڏجي ٿي ته هو جلد سنڌ جي نوجوانن کي خاص طور چين جي تعليمي ادارن بابت معلومات ڏيڻ لاءِ مضمون لکي پيش ڪري جتي هن وقت لاتعداد سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن ۽ ڪافي تعداد ته اتان تعليم وٺي واپس پنهنجي ملڪ سنڌ به پهچي چڪو آهي ۽ اتي سنڌي شاگردن جي تنظيم به ٺهي چڪي آهي.ملڪ ۽ سنڌ جي خوشحالي لاءِ آيل سيپيڪ منصوبي بعد چين جي تعليمي ادارن بابت معلومات جي سخت ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاجي بانيڪار وائيس چانسلر قاضي خالد علي چئي ٿو ته …. سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ قانون جي اعليٰ ڊگرين لاءِ برطانوي يونيورسٽين سان معاهدا ڪيا آهن :انٽرويو :رزاق عاصي

مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جو وائيس چانسلر ٿيڻ کانپوءِ لنڊن اسڪول  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے