24 بدھ , اکتوبر 2018

خوبصورت اداڪاره مايا علي جا قطر  فيشن شو دوران جلوا

پاڪستاني خوبصورت اداڪارا ۽ ماڊل مايا علي قطر جي شهر دوحه ۾ منعقد ٿيندڙ فيشن فيسٽول ۾ ريمپ تي واڪ ڪري تقريب ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ شو جي رونق ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. خوبصورت اداڪارا مايا علي پاڪستاني برائيڊل فيشن جي نمائندگي ڪئي ۽ مشهور پاڪستاني ڊيزائنر ماريه بي جي شو اسٽاپر بڻي. مايا علي سلور ڪلر جو بهترين شرارو پاتو هو، جنهن سان گڏ هن جو اسموڪ آئي ميڪ اپ به ڪيو ويو ۽ هلڪي رنگ جي لپسٽڪ به استعمال ڪئي وئي. ان کان علاوه اردن جي مشهور ڊيزائنر ايليجينڊو ريسٽا پنهنجي ڪليڪشن جي شو اسٽاپر لاءِ ڪنهن باليووڊ اداڪار يا ماڊل بدران پاڪستاني اداڪار عمران عباس جي چونڊ ڪئي. عمران عباس به ريمپ تي بهترين واڪ ڪئي، جنهن تي فيشن شو ڏسندڙ کيس داد ڏيڻ کان بغير نه رهي سگهيا. واضح رهي ته قطر فيشن فيسٽيول ۾ 2018 ۾ ڪجهه ڏينهن  اڳ ڀارت جي ناليواري ۽ خوبصورت اداڪارا ڪرينا ڪپور به ڀارتي برائيڊل فيشن جي نمائندگي ڪئي هئي. ڪرينا اها پهرين ڀارتي اداڪارا آهي جنهن کي قطر جي فيشن فيسٽول ۾  ريمپ تي واڪ ڪرڻ جو موقعو مليو.

 

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

هڪ بهترين سگهڙ ميان پير بخش پيرل مڱريو :مهتاب علي مڱريو 

  سگهڙ فقير ميان پير بخش (پيرل) مڱريو سنڌ جو صف اول جو ڀلوڙ سگهڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے