19 پیر , نومبر 2018

قوم ڄاڻي ٿي ته مون سان ڪهڙو تماشو ٿيو، ڪنهن به وزيراعظم جو مدو پورو نه ٿيڻ عجوبو آهي: نواز شريف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سربراهه نواز شريف چيو آهي ته 1947ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين وزيراعظم سان عجيب ڀوڳ ٿيندا رهيا آهن، اهو عجوبو آهي ته ڪو به وزيراعظم پنهنجو مدو پورو نه ڪري سگهيو، ڪڏهن وزيرعاظم کي جج گڏجي ڪڍندا آهن ته ڪڏهن وري ڦاهي ڏني ويندي آهي، سڄي دنيا ۾ اهڙو ڪو به ملڪ ناهي جتي ڪيترن ئي سالن کان چونڊي ويندڙ قيادت سان اهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو هجي. ڪراچي ۾ واپاري برادري کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سڄي قوم کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي آهي، عوام ڄاڻي ٿو ته مون سان ڪهڙو تماشو ٿيو آهي، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي مون کي نااهل ڪيو ويو، هاڻ سوچيو پيو وڃي ته نواز شريف کي سڄي عمر لاءِ نااهل ڪيو وڃي. هن چيو ته وفاق ڪراچي ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، هتي هڙتالن سبب سڄو سڄو ڏينهن شهر بند رهندو هو پر اسان نه رڳو ڪراچي، سڄي ملڪ مان دهشتگردي ختم ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته گرين لائين منصوبي ۾ وفاقي حڪومت جو ڪم مڪمل ٿي چڪو، ملڪ مان بجليءَ جي کوٽ به ن ليگ ختم ڪري، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال به ن ليگ درست ڪري، هوائي اڏو ٺاهڻو هجي ته اهو به ن ليگ ٺاهي، سڀ ڪجهه ن ليگ ڪري ته پوءِ ٻيون پارٽيون ڇا ڪري رهيون آهن؟ ٻين ڇا ڪيو آهي؟ ڪوهڪ ته ٻڌائي. نواز شريف چيو ته جڏهن اسان 2013ع ۾ اڪثريت حاصل ڪئي ته مان سڀ کان اڳ ۾ ان وقت جي صدر آصف زرداري وٽ ويس، کيس چيو ته پنهنجو مدو پورو ڪيو، اسان توهان کي نه ڇيڙينداسين، زرداري جڏهن آئيني مدو پورو ڪيو ته اسان کيس کاڌي جي دعوت سان گڏوگڏ هڪ يادگار فيئر ويل ڏنو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے