16 منگل , اکتوبر 2018

رپورٽ | نور محمد لاشاري جي 21 ورسي

نور محمد لاشاري: نور محمد لاشاري سنڌي فلم۽ ٽي وي جو هڪ چمڪندڙ ستارو ٿي گذريو آهي.هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ناٽڪ سڀا يعني سنڌي  ڊرامن کان ڪئي .جن ۾ نور محمد لاشاري صاحب پنهنجا جوهر  ڏيکاريا.  هن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو هن ان زماني ۾ ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا جن مان سندس سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار ،ڊرامانگار مرحوم علي بابا جي ڊرامي ( دنگي منجهه درياءَ) به هو جنهن ۾ نور محمد لاشاري اعلي قسم ۽ معياري اداڪاري ڪئي هئي. هن ڊرامي جرمني ملڪ جي شهر ميونخ فيسيٽيول ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو جيڪا سنڌي ڊرامي لاءِ اعزاز کان گهٽ ڳالهه نه آهي، جنهن بعد نور محمد لاشاري جي فن ۾ ڏينهنان ڏينهن جدت ۽ سگهه ايندي وئي هن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ لاجواب اداڪاري ڪري  ان زماني ۾سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ٽي وي ڊرامن ذريعي سنڌ جي ڏکويل مظلوم ماڻهن جي ڏکن جي پنهنجي فن سان  ترجماني ڪئي. پاڪستان ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي (ديوارين )نور محمد لاشاري کي چوٽي جي شهرت ۽ عزت بخشي .ان کان علاوه ڊرامن ۾ ( هٿين گل ميندي )راڻي جي ڪهاڻي ( بدلتي موسم ) ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊرامن ۾پنهنجا فني جوهر ڏيکاريا . تنهن کانسواءِ هن ڪيترن ئي سنڌي فلمن ۾ پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکاريو جنهن کي هميشه ياد ڪيو ويندو هن. سنڌي ثقافت کي پنهنجي ڪردار ۽ ٻولن سان هميشه زنده رکيو سندس مرتي کان پوءِ سنڌي ڊرامو ڃڻ ته يتم ٿيندي نظر اچي ٿو هن  اداڪار کي 1992ع ۾ حڪومت پاڪستان  ثقافتي خدمت جي عيوض حسن ڪاڪردگي جي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو . سنڌ جو هي عظيم اداڪار سنڌي ڊرامي جا سڀ ٻول پنهنجي ڪمال جي فن جا سڀ گر بند ڪري ۽ ثقافتي رنگن کي خير آباد چئي 1 فيبروري 1997 ۾ اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-16

نيپرا چيو آهي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪيو نھ تھ روز نقصان ٿيندو:فواد چوڌري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے