12 بدھ , دسمبر 2018

مقدونيا کي پناهگيرن جي معاملي ۾ يورپي يونين طرفان اڪيلو ڇڏڻ تي افسوس

gjorge-ivanov-president-of-macedonia-photo-nato-int-crop-604x272سڪوپي (ع آ نيوز) مقدونيا پناهگيرن جي بحران جي سلسلي ۾ يورپي يونين طرفان اڪيلو ڇڏڻ تي افسوس ڏيکاريو آهي، جرمن سڌ سماءَ جي ذريعن موجب مقدونيا جي صدر ايوانوف چيو آهي ته يورپي يونين جي غلطين جي قيمت مقدونيا کي ادا ڪرڻي پئي آهي، هن چيو ته يونان طرفان پناهگيرن کي روڪڻ کانسواءِ اڳتي وڌڻ کانپوءِ به انهن جي ملڪ پناهگيرن کي يورپي يونين تائين پهچڻ نه ڏنو، جيتوڻيڪ سندن ملڪ يورپي يونين جو ميمبر پڻ ناهي، هن وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ يونان کي 70 ڪروڙ ڏنا ويا آهن پر مقدونيا کي هڪ به يورو ناهي ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فرانس : ڪرسمس مارڪيٽ ويجهو فائرنگ، 3 ڄڻا مارجي ويا، 12 زخمي

اسٽراس برگ ( ويب ڊيسڪ ) فرانس جي شهر اسٽراس برگ ۾ قائم ڪرسمس مارڪيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے