16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز : ڇني: پيرگاجي شاهه  جو ساليانو عرس مبارڪ 12 فيبروري کان شروع ، 

ڇني  ويجهو  پيرگاجي شاهه  جو ساليانو عرس مبارڪ 12 فيبروري کان شروع ٿي رهيو آھي، ميلي ۾ قبرن کي مسمار ڪري مٿان اڏاوت ڪرڻ خلاف شهري سراپا احتجاج بڻيل آهن.

قبرن کي مسمار ڪري  مٿان اڏاوت ڪرڻ تي  ميلي  انتظاميا خلاف ڳوٺاڻن 3 ڏينهن به احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوپٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  هر سال ميلي جي آڙ ۾ اسان جي وڏڙن جي قبرن کي ڊاهي دوڪان اڏيا وڃن ٿا، جيڪو انتهائي غلط عمل آھي.

 هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس ۽ ڌرگاهه جي گاڌي نشينن جي ملي ڀڳت سبب هر سال ميلو انتظاميا قبرن کي ڊاهي لکين روپين ۾ دوڪان وڪرو ڪيا وڃنن ٿا.

ٻئي پاسي ايس ايس پي دادو قمر رضا جسڪاڻي گاجي شاه  ميلي جي انتظامن جو جائزو ورتو ۽ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالھيون پڻ ڪيون.

ان موقعي تي ايس ايس پي دادو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  هرسال ميلو هتي لڳندو آھي،  ميلو اڄ ڪلهه جو ناهي،  سالن کان لڳندو اچي ٿو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو ، شهرين ۾ خوشي جي لهر

*ڪوٽڙي  ۾ وفاقي حڪومت پاران ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو  آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے