16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: سڪرنڊ:جسقم جي  مرڪزي سڏ تي وڌندڙ بدامني۽ بيگناهه انسانن جي قتل خلاف احتجاج

سڪرنڊ ۾   جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سڏ تي وڌندڙ بدامني لاقانونيت ۽ ميهڙ ، مٺي ، قمبر واقعن ۾ بيگناهه انسان جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو.

جسقم ڪارڪنن مسعود شاهه ، الياس جوڻيجو، عالم ڪيريو ،قاسم سومرو ،برڪت جلباڻي ، اسرار مري، فرمان رند ، خادم ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ميهڙ ، مٺي ۽ قمبر ۾ بيگناهه انسانن کي قتل ڪيو ويو جنهن جي هو ڀرپور مذمت ڪن ٿا

هنن چيو ته صوفياڻي ۽ امن پسند سنڌ ۾ قتل غارت جي ڪا به گنجائش ناهي

هنن سنڌ جي ايماندار انسپيڪٽر جنرل اي ڊي خواجا کان مطالبو ڪيو ته مٺي ، ميهڙ ۽ قمبر واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جئين اهڙا وقعا ٻيهر دهرائجي نه سگهن ……………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو ، شهرين ۾ خوشي جي لهر

*ڪوٽڙي  ۾ وفاقي حڪومت پاران ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو  آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے