19 جمعہ , اکتوبر 2018

اوبر ٽيڪسي کان پوءِ اوبر انسان به ڀاڙي تي ملندو……!

ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته پنهنجو گهر ڇڏڻ کان سواءِ ڪو ٻيو توهان جو نمائندو بڻجي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري ته ان لاءِ توهان انساني اوبر استعمال ڪري سگهو ٿا. توهان جي جاءِ تي ڪو به شخص پنهنجي چهري تي توهان جي ويڊيو وارو ڊسپلي لڳائي توهان جي جاءِ تي ڪنهن تقريب ۾ شرڪت ڪري سگهندو. ان کي هيومن اوبر جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن جي ذريعي توهان ڪنهن ٻئي شخص کي پنهنجي جاءِ تي مقرر ڪري سگهو ٿا. ان کي جاپاني ماهر جون ريڪي موتو تيار ڪيو آهي جنهن کي گرگٽ (چميليئن) ماسڪ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ سنگاپور جي هڪ نمائش ۾ ان جو عملي مظاهرو ڪيو ويو آهي. انساني اوبر سان گڏوگڏ ان کي ” موبائيل فيس ٽائم“ به چيو ويو آهي. ان جي ذريعي ڪجهه وقت لاءِ ماڻهو توهان جي نمائندگي ڪندا. ريڪي موتو ٻڌايو ته ڪو به شخص پنهنجي منهن تي اهڙو ڊسپلي لڳائيندو جنهن ۾ توهان جو منهن نظر ايندو ۽ ان مان توهان جو آواز به ايندو اهو شخص  توهان جي جاءِ تي ڊگهين قطارن ۾ بيهي سگندو يا توهان جو نمائندو ثابت ٿي سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آخري ڪتاب”بريف آنسرز ٽو دي بِگ ڪوئسچنز “ پڌرو ٿي ويو

لنڊن( ويب ڊيسڪ) اسٽيفن هاڪنگ جو نئون ڪتاب پڌرو ٿي ويو آهي جنهن کي ”بريف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے