16 منگل , اکتوبر 2018

ڊوگ بولنجر هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) عالمي چيمپيئن آسٽريليا جي فاسٽ بالر ڊوگ بولنجر هر فارميٽ جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نيو سائوٿ ويلز سان واسطو رکندڙ 36 ورهين جي فاسٽ بالر 39 ٽيسٽ، 124 ون ڊي ۽ 9 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي. ڊوگ بولنجر پنهنجي فرسٽ ڪلاس ڪيريئر جي شروعات 03-2002ع ۾ نيو سائوٿ ويلز طرفان ڪئي ۽ 124 ميچن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ 411 وڪيٽون ورتيون. هن آسٽريلوي توڙي نيو سائوٿ ويلز ٽيم انتظاميا جا  ٿورا مڃيندي چيو ته مان هڪ عام رانديگر هيس پر مون کي پنهنجي صلاحيت ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يو ايف سي چيمپيئن خبيب، فلائڊ مي ويدر کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاس ويگاس( اسپورٽس نيوز ) مڪس مارشل آرٽ الٽيميٽ فائٽنگ چيمپيئن ( يو ايف سي …