16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز : ميرپورخاص: ايف او سي سنڌ جي اڳواڻ جو اجلاس،عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو

ميرپورخاص  ۾ ايف او سي سنڌ جي اڳواڻ جاويد جوڻيجو جي صدارت ۾ جوڻيجو هائوس تي آبادگارن جي 5 تنظيمن جو اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ايف او سي سنڌ، سارڪ، ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن، هاري اتحاد شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾  شرڪت ڪندڙ آبادگارن پاران شگر ملز پاران ڪمند جو اگهه 182رپيا  نه ڏيڻ مٺڙائو ڪئنال، جمڙائو ڪئنال ۾ وارابندي ختم ٿيڻ باوجود پاڻي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه ڏيڻ تي بحث ڪيو ويو.

جمڙائو ڪئنال تي هلندڙ ڪئنالن کي پڪو ڪرڻ جو ڪم غير معياري هئڻ ۽ من  پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

آبادگار تنظيمن جو ڪمند جي اگهن جو سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن ڦاڙي مظاهرو ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:سن: ڪوٽڙي کان روھڙي تائين ھلندڙ پسينجر ٽرين  سن پهچي وئي

* 18 سالن کان بند پيل صبح واري ڪوٽڙي کان روھڙي تائين ھلندڙ پسينجر ٽرين  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے