24 بدھ , اکتوبر 2018

 ناشتي ۾ رس بيري کائو ۽ پنهنجو وزن گهٽ ڪيو

 ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڌندڙ وزن کان پريشان ماڻهون لاءِ ناشتي جي چونڊ  انتهائي مشڪل هوندي اهي ۽ اڪثر ته ناشتو ئي ناهن ڪندا يا گهٽ مقدار ۾ ناشتو ڪندا آهن.جيڪڏهن توهان به وڌندڙ وزن مان پريشان آهيو ۽ گهٽ کاڌو کائي کائي تنگ ٿي ويا آهيو ته ان لاءِ سٺي خبر اها ته ڪجهه غذائون اهڙيون به هونديون آهن جنهن کي توهان پنهنجي روزمره  جي غذا مان  ڪڍڻ بجائي شامل ڪري پنهنجو وزن گهٽ ڪري سگهو ٿا. هڪ نئي جاچ مان اهو ثابت ٿيو آهي ته ناشتي ۾ بيريز جو استعمال انسان کي ترو تازو رکندو آهي ۽ وزن گهٽ ڪرڻ ۾ به مددگار آهي. رس بيريز فائبر کان ڀرپور هونديون آهن ۽ اسان جي جسم کي روزانو درڪار فائبر جو هڪ نهائي صرف هڪ ڪپ رس بيريز ۾ موجود هوندو آهي، اسان جو جسم پوري ڏينهن ۾ فائبر کي ختم نٿو ڪري سگهي جنهن سان هاضمي جو نظام سست ٿيندو آهي جنهن سا توهان کي بک محسوس ٿيندي آهي.  جاچ دوران ميڊيڪل جرنل مي ايم ي 24 سالن جي جاچ موجب اسٽرابيري، رس بيري، بلوبيري ۽ بليڪ بيري ۾ فليونائڊ نالي ڪمپاونڊ ڏٺو ويندو آهي جيڪو وذن گهٽ ڪرڻ موثر ثابت ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the change of climate, the citizens started to suffer from acute diseases

موسم جي تبديليءَ سان شهري چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جي دوران چمڙي جي بيماري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے