23 منگل , اکتوبر 2018

چين ۾ پهريون مسافر برادر ڊرون جو ڪامياب اڏام

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين وولوڪوطرز جي هڪ مسافر برادر ڊرون جي ڪامياب آزمائش جي خبر ڏني آهي هن کي هينگ 184 جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن هر موسم ۾ پرواز لاءِ موزون قرار ڏنو پيو وڃي. جڏهن ته هن برادر ڊرون کي ڪيترن اهم عالمي نمائشن ۾ پيش ڪيو ويو پر هن کي تيار ڪرڻ واري ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته هي ڊرون هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي مسافرن کي کڻي ڪري 130 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏام ڪري سگهي ٿو. ثبوت جي طور تي ڪمپني هن جو پهريون ويڊيو به جاري ڪيو آهي .هن جو ڍهانچو ڪاربن فائبر ۽ الميونيم ڀهرتون سان تيار ڪيو آهي. ۽ ڪمپني جو چوڻ آهي ته  هاڻي تائين هزارين پرواز ڪري چڪا آهيون. اي هينگ 184 هر طرح جي موسم ۾ پرواز جي صلاحيت رکي ٿو  ۽ مڪمل طور تي آٽوميٽڪ به آهي.هن ڊرون کي تيز هوائون ۾ به آزمايو ويو آهي ۽ هي تيز هوا ۽ برسات ۾ به آساني سان اڏام ڪري سگهي ٿو. ڪپمني جو چوڻ آهي ته هي دنيا جو پهريون مڪمل آٽوميٽڪ مسافر برادر ڊرون آهي جنهن ۾ ويهي ڪري توهان هڪ ڊسپلي تي پنهنجي منزل ڏانهن سفر ڪري سگهو ٿا.جڏهن ته هن جا تمام موٽر بجلي يا تيل سان نه پر چارجنگ سان هلن ٿا. هڪ ڪلاڪ جي چارجنگ تي هي 25 منت تائين پرواز ڪري سگهي ٿو. ڪمپني موجب هن تي تقريبن 9 ڪلوميٽر طويل اڏام به ڪئي وئي آهي جڏهن هن جي اونچائي صرف 1000 فٽ هئي. ڪپمني ٻڌايو آهي ته هن جي ويجهو مسافر جي سلامتي سب کان اهم آهي اهري لحاظ سان ڊرون جي ڊيزائن بهتر کان بهتر تيار ڪئي پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي معاملي تي سعودي عرب جي حمايت ڪندڙ ٽوئيٽر اڪائونٽ بند

سان فرانسسڪو (ويب ڊيسڪ) سعودي صحافي جمال خاشقجي جي گم ٿيڻ تي جتي رياض حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے