16 منگل , اکتوبر 2018

اسما قتل ڪيس 25 ڏينهن ۾ حل ڪري ورتو: آءِ جي خيبرپختونخواهه جي دعويٰ

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي انسپيڪٽر جنرل پوليس صلاح الدين محسود دعويٰ ڪئي آهي ته ڏکيائين جي باوجود 4 سالن جي اسما قتل ڪيس کي 25 ڏينهن ۾ حل ڪري ورتو جڏهن ته ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي آءِ جي ٻڌايو ته مردان ۾ قتل ٿيل 4 سالن جي اسما جي وارثن پوليس تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ اسما جهڙن ڪيسن ۾ پوليس کي معاشري جي سهڪار جي ضرورت هوندي آهي. صلاح الدين محسود چيو ته سڄي دنيا ۾ جاچ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪيس جي تفصيل ٻڌائي ويندي آهي. ڳجهن ڪيسن ۾ پوليس تيز ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ۽ اسما جي ڪيس ۾ به گوجر ڳڙهي جي چڱن مڙسن تي ٻڌل ڪميٽي بڻائي جيئن شفاف جاچ ڪري سگهجي. آءِ جي ڪي پي ڪي چيو ته ڪوهاٽ ۾ عاصمه راڻي قتل ڪيس ۾ به ناري جي وارثن اسان تي اعتماد ڪيو، عاصمه جي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار آهن جڏهن ته قتل  ڪرڻ وارو اوزار ۽ جنهن گاڏي ۾ جوابدار اسلام آباد ويو اها به هٿ ڪئي وئي آهي. صلاح الدين محسود جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي پوليس هڪ صوبي نه پر سڄي ملڪ جي پوليس آهي جيڪا دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Abu Dhabi: The second test match in Pakistan and Australia started today

ابوظهبي ٽيسٽ: پاڪستان جي اڌ ٽيم 57 رنسن تي پويلين رواني

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ پاڪستان مشڪلاتن جو شڪار آهي ۽ رڳو 57 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے