16 منگل , اکتوبر 2018

دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي صورت ۾ پاڪستان جي امداد بحالي ٿي سگهي ٿي: آمريڪا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير جون سُلي وون جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان سمورن دهشتگرد گروپن خلاف فيصلو ڪندڙ ڪارروائين ۽ خاص بندوبستن جي صورت ۾ پاڪستان جي امداد بحال ڪري سگهي ٿي. خابرو اداري رائٽرز موجب جون سُلي وون سينيٽ جي پرڏيهي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته ٽرمپ انتظاميا کي به هن وقت تائين اهڙا ثبوت ناهن مليا جو پاڪستان پنهنجي سر زمين تي فعال شدت پسند گروپن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هجي. جون سُلي وون اهو بيان اهڙي وقت ڏنو جڏهن گذريل مهيني پهرين جنوري تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ چيو هو ته آمريڪا گذريل 15 سالن ۾ اسلام آباد جي احمقن جيان 33 ارب ڊالر امداد جي مد ۾ ڏنا پر بدلي ۾ کيس ڪوڙ ۽ دوکو مليو.  ٻئي پاسي آمريڪا پاڪستان جي 255 ملين ڊالر ( 25 ڪروڙ 50 لک ڊالر) يعنيٰ 28 ارب رپين جي فوجي امداد تي پابندي به معطل ڪري ڇڏي هئي. بعد ۾ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان کي افسوس جوڳو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ پنهنجن وسيلن ۽ معيشت جي قيمت تي وڙهي،  قربانين ۽ شهيدن جي خاندانن جي درد جي بي حسي کي مالي قدر سان ڀيٽي نٿو سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Saudis preparing to admit Jamal Khashoggi died during interrogation, sources say

سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي اعتراف جي تياري ڪري ورتي: آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب استنبول جي سفارتخاني ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے