20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڪشمير مسئلي سان گڏيل قومن جي ساک خراب ٿي رهي آهي: مليحا لوڌي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي سان لاڳاپيل ٺهرائن تي عملدرآمد نه ٿيڻ سان گڏيل قومن جي ساک خراب ٿي رهي آهي. تفصيل موجب گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي پنهنجن خيال ۾ جو اظهار ڪندي چيو ته سلامتي ڪونسل ڪشمير تي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد ڪرائي، گڏيل قومن کي پنهنجن ٺهرائن تي عملدرآمد جو وقت بوقت جائزو وٺڻ گهرجي، ٺهراءَ تي عمل نه ٿيڻ سان سلامتي ڪونسل ۽ گڏيل قومن جي ساک خراب ٿي رهي آهي. مليحا لوڌي چيو ته گڏيل قومن جي امن مشن ۾ سڀ کان فوجي دستا پاڪستان ڏئي رهيو آهي، سلامتي ڪونسل  جي چونڊيل ميمبرن کي وڌيڪ جوابده هئڻ گهرجي، سلامتي ڪونسل جي جمهوري ۽ نمائندي ڪردار لاءِ احتساب جو معيار بهتر ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اميد آهي ته قطر جلد پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ واري معاهدي تي عمل ڪندو: وزير اعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اميد آهي ته قطر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے