16 منگل , اکتوبر 2018

ڀارتي ظلم سبب 4 ڏهاڪن ۾ 1 لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن: عبدالباسط

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط جو چوڻ آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. 4 ڏهاڪن ۾ 1 لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. تفصيل موجب ڀارت ۾ اڳوڻي هاءِ ڪمشنر عبدالباسط يڪجهتي ڪشمير ڪنونشن کي خطاب ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ سندس چوڻ هو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. 4 ڏهاڪن ۾ 1 لک کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ڀارتي فوج هزارين ڪشميرين کي گم ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ظلم جي باوجود ڪشمير جا حوصلا بلند آهن. ڪشميرين سر ڏئي ڪشمير مسئلي کي زندهه رکيو آهي. عبدالباسط چيو ته ڪشمير مسئلي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پرويز مشرف رسايو. ڪشمير مسئلو ڀارتي سازشن جي ڪري اڄ تائين حل ناهي ٿي سگهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صحافين، ايڊيٽرن ۽ ميڊيا جي شعبن سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي فوري مدد لاءِ سي پي اين اِي جي هيلپ لائن جو افتتاح

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اِي) پاران صحافين، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے