16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: خيرپور: شاهه لطيف يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي

خيرپور شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ استادن تنظيم ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وڃڻ کانپوءِ شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي.

يونيورسٽي جي استادن جي هڪ ڌڙي پاران 10 هين ڏينهن به وائيس چانسلر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

ان موقعي تي استادن جو چوڻ هو ته وي سي سندن گهرون پوريون ڪرڻ بدران کين تنقيد جو نشانو بڻائي ديوار سان لڳائي رهيو آهي.

هنن چيو ته وي سي جي هٺ ڌرمي سبب يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي، جنهن شاگردن جي ڏکيائن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

استادن جي ٻئي ڌڙي جو چوڻ آهي ته مخالف ڌر اجايو احتجاج ڪري وي سي سوڌو يونيورسٽي جي ساک خراب ڪري رهي آهي.

سندن چوڻ هو ته مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، پر هنن جا مطالبا غيرقانوني هئڻ ڪري تسليم نٿا ڪري سگهجن

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو ، شهرين ۾ خوشي جي لهر

*ڪوٽڙي  ۾ وفاقي حڪومت پاران ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو  آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے