24 بدھ , اکتوبر 2018

نيوز: ٽنڊي باگي ۾ شهرين سئي گئس آفيس جي انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊي باگي ۾ شهرين پاران سئي گئس آفيس جي انچارج خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شهرين محمد علي، آصف ۽ محمد اشرف ميمڻ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي صحافي آڏو احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائندي چيو ته سوئي گئس انتظاميا بنا سبب ڳرا بل موڪلي سندن گهرن جا ڪنيڪشن ڪاٽي ڇڏيا آهن.

سندن چوڻ هو ته بنا سبب ڪنيشڪن ڪاٽڻ خلاف هنن ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي شڪايت ڏني آهي پر ڪو به ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته گهرن ۾ گئس جي سهولت نه هئڻ سبب هو رڌ پچاءَ ڪاٺين تي ڪرڻ تي مجبور آهن.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين گئس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀٽائي جو عرس شروع، ڪنهن ڪيو افتتاح، سجاده نشين ڪهڙو ڏنو پيغام ؟ سيد وقار حسين شاهه جي خطاب ڪري ڇڏيو سڀني کي لاجواب؟

ڀٽ شاهه ۾ شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف ڀٽائي جي عرس مبارڪ جون غير سرڪاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے