16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: پير جو ڳوٺ ۾ سينيٽري عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج

پير جو ڳوٺ ۾ سينيٽري عملي پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ميونسپل جي اڪائونٽنٽ بنا سبب سندن 8 مهينن جو پگهارو روڪي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن چيو ته لڳاتار پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.

سندن چوڻ هو ته هنن ڪيترائي ڀيرا انتظاميا کي پگهارون جاري ڪرڻ لاءِ شڪايت ڪئي آهي، پر ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

احتجاج ڪندڙن مڪاني کاتي جي اختيارين کان گهر ڪيئ ته معاملي جو نوٽيس وٺي فوري طور کين پگهارون ڏياري بيچيني ختم ڪئي وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو ، شهرين ۾ خوشي جي لهر

*ڪوٽڙي  ۾ وفاقي حڪومت پاران ڏهه سالن کان بند ٿيل ٽرين کي کوليو ويو  آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے