22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: ميرپور بٺوري ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

ميرپور بٺوري ۾ ڳوٺاڻن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو.

ڳوٺ فقيرو پڙهيار جي رهواسيي غلام مصطفي پرھياڙ ۽ ان جي وارثن غفور، عبدالغني ۽ ٻين بٺورو پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائندي چيو ته سندن نوجوان غلام مصطفيٰ مدي خارج دوائون کپائيندڙ ميڊيڪل اسٽور مالڪ خلاف پوليس کي دانهن ڏني، جنهن تي پوليس جوابدار بدران فريادي کي لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.

هنن پوليس نوجوان کي سڄي رات لاڪپ ۾ بند ڪري بااثر اسٽور مالڪ جي چرچ تي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ٺاهه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس خلاف ڪارروائي ڪري کين تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ملير ۾ گلشن حديد روڊ جي افتتاحي تقريب، ضلع ڪائونسل جي چيئرمين سلمان عبدالله مراد عملدارن کي ڇو پٽي ڇنڊ، ڄاڻڻ لاءِ ڏسو هن خبر ۾

ڪراچي ضلع ڪائونسل جي  چيئرمين سلمان عبدالله مراد چيو آهي ته عوام جي وچ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے