16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: ڏوڪري ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پگهارون آن لائين نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ڏوڪري ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن پگهارون آن لائين نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

ملازمن ٽائون هال کان زاهد گل ميراڻي، فياض سومرو، جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، رضوان سولنگي، نظير ڀان، فياض ڀان، شهداد ميمڻ، فرحان ميراڻي، ماجد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍي سڄي شهر ۾ گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته مڪاني ادارن سنڌ جي ملازمن جون پگھارون آن لائين ٽريزري ذريعي ڏنيون وڃن ۽ 2012 جي ملازمن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي انهن کي پريشان ڪرڻ بند ڪيو وڃي.

 هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته  هنن سان انصاف ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

منجهند ٽي وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-10-16

نيپرا چيو آهي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪيو نھ تھ روز نقصان ٿيندو:فواد چوڌري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے