19 جمعہ , اکتوبر 2018

نيوز: لکي غلام شاهه ۾ مقاني کاتي جي ملازمن جو پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو

لکي غلام شاهه ۾ مقاني کاتي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

لوڪل گورنمينٽ جي ملازمن بابو ميمڻ،سرور مهر،امداد مهر،مزاري ڀنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي ملازمن ميڊيا آڏو دانهون ڪندي چيو ته اسان جون پگهارون آن لائين نه ٿيڻ ڪري اسين سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون هڪ ته پگهارون مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي ٻيو پگهارون ٽائيم سان نه ٿيو ملن جيڪا ناانصافي آهي.

 هنن وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين کان نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: نوشهري فيروز واسين پاران پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

 ڪراچي ۾نوشهري فيروز واسين پاران حد جي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ بااثرن خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے