21 اتوار , اکتوبر 2018

بالي ووڊ اداڪار تي 47 سالن کان پوءِ جنسي زيادتي جو الزام

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نالي واري اداڪار جيتندر تي 47 سالن کان پوءِ سندس مائٽياڻي جنسي زيادتي جو الزام لڳايو آهي. سوشل ميڊيا تي جاري ” مي ٽو Me Too#“ جي تحريڪ بالي ووڊ ۾ به پهچي وئي جتي سڀ کان پهريون نشانو ماضي جو مشهور اداڪارا جيتندر بڻيو. جيتندر تي سندس مائٽياڻي جنسي زيادتي جو الزام لڳائيندي ڪيس به داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جيتندر جڏهن کيس حوس نشانو ته ان وقت سندس عمر 18 سال ۽ جيتندر جي عمر 28 سال هئي. جيتندر جي مائٽياڻي موجب هن والدين جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪيس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ڇو ته ان جا والدين اهو صدمو برداشت نه ڪري سگهن ها. اداڪار تي الزام لڳائيندڙ سندس مائٽياڻي جو چوڻ آهي ته ” مي ٽو“ تحريڪ جي ڪري هن ۾ ايترن سالن کان پوءِ اها همت آئي آهي. 75 سالن جي اداڪار خلاف هماچل پرديش ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ مٿس الزام مڙهيندڙ مائٽياڻي سندس گرفتاري جو به مطالبو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سياسي پارٽيون متحد ٿي حڪومت خلاف قرارداد پيش ڪن: آصف زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے