21 اتوار , اکتوبر 2018

شهباز شريف عمران خان کي ڪوڙن جو آءِ جي قرار ڏئي ڇڏيو

ملتان(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شيرف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪوڙن جو آءِ جي آهي. ملتان ۾ ڪڊني سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان ڪوڙن جو آءِ جي آهي، خان صاحب چوندو هو ته پنهنجي حڪومت ۾ڪي پي ڪي سميت سڄي پاڪستان لاءِ بجلي پيدا ڪنداسين پر هن هڪ ڪلو واٽ بجلي به پيدا ناهي ڪئي. شهباز شريف جو چوڻ هو ته ميٽرو بس منصوبي تي تنقيد ڪندڙ اڄ پاڻ پشاور ۾ ميٽرو بڻائي رهيا آهن پر انهن کان ميٽرو بڻي ئي نه پئي. پنجاب جي وڏي وزير پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪڏهن الله موقعو ڏنو ته قوم جي اها دولت جيڪا زرداري ڦري هئي ان کي واپس وطن آڻيندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے