17 ہفتہ , نومبر 2018

تائيوان ۾ 6.4 شدت جو زلزلو، 7 ڄڻا فوت، 200 کان وڌيڪ زخمي

تائيپي(ويب ڊيسڪ) تائيوان جي شهر هولين ۾ 6.4 جي شدت جو زلزلو آيو جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت جڏهن 254 زخمي ٿي پيا جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. زلزلو مقامي وقت موجب 11 لڳي 50 منٽن تي آيو ۽ ان جو مرڪز تائيوان جي سمنڊ کان 20 ڪلو ميٽر پري سمند ۾هو. زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون ۽ روڊن کي نقصان پهتو. هڪ وڏي عمارت جي گرائونڊ فلور ۽ تهه خاني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ماڻهو ڦاٿل هئا جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو. ساڳي عمارت ۾ تقريبن 30 ڄڻن کي زندهه ڪڍيو ويو تنهن هوندي شهر جي روڊن پُلن کي شديد نقصان رسيو آهي ۽ انهن کي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي. تائيوان جي صدر سائي انگ وين متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ مدد لاءِ فوج کي طلب ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے