24 بدھ , اکتوبر 2018

اياز!! اهو پل ڪٿي آ

غفور ميمڻ

آئون  پنهنجي گهر جي لائبرري کي هر موڪل واري ڏينهن اٿلائي پٿلائي ڏسندو آهيان، ضرور ڪو نه ڪو  ڪتاب اهڙو هٿ ۾ اچي ويندو آهي، جيڪو سوچ جي اٿاهه ساگر ۾ گم ڪري ڇڏيندو آهي . اڄ جڏهن منهنجي هٿ ۾ ڪتاب” دراوڙ دل جي تنهائي “آيو ، جنهن تي اياز جاني جي هٿ اکرين سٽون پڙهي ، ماضي جي حسين لمحن ۾ گم ٿي ويس. زندگي ڪاغذ جي ٻيڙي وانگر ئي ته آهي جنهن جي نه منزل نه ڀروسو بس ڏينهن مڙئي ڏُون، آهي سڀ ٻاراڻي راند ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم، ميلا ته سجندا رهندا، پر انسان فنا آهي، خالي ماڻهو ۾ مڳي آهي. جو آهي سو پل آهي پر اهو پل به هٿ نٿو اچي اڃا ڪالهه جي ڳالهه آهي اياز جي شاعري سنگت ۾ ٻڌندا هئاسين ڪڏهن جهونگاري ٻڌائيندو هو ته لڳندو هو ته هي مست ملنگ ماڻهو آهي هن جي اندر ۾ اٿاهه سمنڊ آهن جن ۾ جذبا ڇولي هڻن ٿا. هن شاعري ۾ جيڏو جمال هو اوترو پيار هو  پر هن جي شخصيت ۾ جيتري پنهنجائپ هئي اوتري اڪيلائي هئي. هو يگانو ماڻهو هو. جيڪو سنڌي سماج ۽ ادب سان جڙيل هو.

من ۾ ٿاڪ تنهنجي نيڻن جا

چپ هيراڪ تنهنجي نيڻن جا،

جهڙيون سٽون جڙيندڙ اياز جاني ائين اسان وٽان هليو ويندو ڪڏهن اسان سوچيو به نه هو. کيس شگر جهڙو مرض ته گهڻي عرصي کان هو پر سندس ارڏي طبيعت اهڙي بيماري کي لفٽ ئي نه ڪرائيندي هئي. کلندي چوندو هو ته ميان انب ته کائون پوءِ مري هونءَ ئي وينداسين.

اسان جڏهن به ملنداهئاسين ته ڪچهريون هلنديون هيون پاڻ پنهنجي شاعري کان وڌيڪ ٻين جي شاعري ٻڌائيندو هو کيس ڪا به شعر جي سٽ به وڻندي هئي ته مون کي ٻڌائيندو.

ساڻس منهنجي ملاقات 1991ع ۾ ٿي جڏهن اسان گلشن حديد ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکيو هو پاڻ باقاعدي سان سنگت ۾ ايندو هو پوءِ آهستي آهستي انهيءَ سنگت جو روح روان ٿي ويو.

کيس قائد آباد ما ن لڏائي آئون گلشن حديد وٺي آيس ڪيترائي سال منهنجو پاڙيسري رهيو اسان جو ڏک ۽ سک ۾ ساٿ رهيو. گلشن حديد جي سنگت کي باقاعدي پاڻ ڄمائي سيڪريٽري ٿيو هو. منهنجي زندگي جي پهرئين ڪتاب ۽ پهريون پروگرام به حديد ۾ اياز ئي ڪرايو هو. 1995ع جي ڳالهه آهي جڏهن اسان حديد ۾ ادبي ميڙو مچايو.

سندس زندگي جو اهم پهلو اهو هو ته پاڻ ايماندار ۽ سچو هو انهيءَ معاملي ۾ هو ڪٿي به  سمجهوتو نه ڪندو هو. سندس خاندان سان به اختلاف اصولن تي مون ٿيندي ڏٺا. هڪ دفعو مون وٽ مشورو وٺڻ آيو ته آئون PTCL جي نوڪري ڇڏيان ٿو. ڏوڪڙ جام ملندا باقي ٻي نوڪري ريسرچ آفيسر طو مون کي يونيورسٽي ۾ تون وٺي ڏي.

مون کيس سمجهايو ته ڏاڍو سڪون سان ويٺو آهين شاعري ڪريو اديبن جي جوڙ توڙ ۽ ادارن ۾ ٿيندڙ سازشن کان پري ئي رهو ته بهتر پر پاڻ نه مڃيائين ۽ مڃي به ڇو. اديب هڪ بي چين وجود ئي ته هوندو آهي ريسٽ زون ۾ رهي ته اديب ڇو هجي واپاري نه هجي.!

ٿيو به ائين ادارن جي سازشن، گروپ بندي ۽ آمراڻي ذهنيت وارن جي ور چڙهي ويو، ماڻهو اسان جي وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

اختلافن جي باوجود به اسان هڪ ٻئي جي ادبي تخليقن کي ساراهڻ ۽ صحتمند تنقيد ڪندا رهياسين جو سندس شاعري تي مون سوجهري ۾ مضمون لکيو ته هُن پاڻ مسيج ڪري منهنجو ٿورو مڃيو هو. هو اڪثر چوندو هو منهنجي شاعري کي ڪو تنقيد نگار مليو ته تون ملئين مون کي لڳندو آهي، منهنجي اندر جي اڌمن کي تون زبان ڏئي ڇڏيندو آهين، منهنجي شاعري کي تون لفظن مان ڪڍي آفاقي بنائي ڇڏيندو آهين، غوث پيرزادي سان ته دليون هيس چوندو هو اسان وڙهندا به آهيون ته حد کان وڌيڪ پر سري به نٿي هڪ ٻئي سواءِ  غوث آهي به پيارو ماڻهو ٻارن وانگر ڪاوڙبو آهي ته ٻارن وانگر ڊڪون ڏئي روئي به پوندو آهي پر پرچي ته ڄڻ ڪڏن وڙهياسين ئي ڪو نه.

اياز جاني جو جڏهن شاعري جو پهريون ڪتاب ڇپيو هو ته مون کي ڏاڍي  خوشي ٿي هئي من ۾ تانگهو هئي ته ڪتاب ملي ته ان تي ڀرپور تنقيد لکان. هوڏانهن وري اياز خود به تانگهه ۾ هو ته ڪتاب غفور کي گهر وڃي ڏئي اچان پر دير ڇا جي؟؟ بس انسان جا ويڇا، انا، ٺلهي مستي، خالي فاصلا ڪڏهن دل ۾ ايندو هو ته کيس وڃي ٻانهن کان وٺي چوان ته ڇڏ ڪاوڙ جيڪو ٿيو سو منهنجي کاتي ۾ وجهي ڇڏ پر کل يار کڻ اکيون ته وڃن سور سنڌا ڪري، هوڏانهن  اياز وٽ به اها تانگهي هئي جو سامي ميمڻ کي چيائين ته “يار هڪ ڳالهه ٻڌ غفور سان منهنجو ٺاهه ڪراءِ” سامي مصروف ماڻهو آهي ايترو جو کيس دل جو دورو پيو، پر اهو ئي جاکوڙي. هوڏانهن اياز جي پوسٽنگ به  رتي ديري ڪاليج ۾ ٿي ويئي ته پري رهيو.

هڪ ڏينهن اڪبر لغاري صاحب مون کي ٽيليفون ڪري پنهنجي ڪتاب جي مهورت ڪرڻ جي دعوت ڏني ته لاڙڪاڻي اچ. خبرناهي ڇا مون ٿورو سوچيو ۽ ها ڪري ويٺس.

لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاري ڪمشنر هائوس ۾ چيو ته اياز ۽ غوث آيل آهن ڊرائنگ رو۾ ۾ ويٺا آهن توهان جا ڪي اختلاف آهن ڇا؟ مون چيو ته اهڙا به ناهن جو نه ملجي هلو ته ساڻن ملون.

ڊرائنگ روم ۾ جو آياسين ته ٻکين پئجي وياسين بس اياز جي خوشي جي حد نه رهي پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو مون کيس پنهنجو نئون ڪتاب تحفي ۾ ڏنو ته انهي جي لي آئوٽ تي ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين يار منهنجي دل جي خواهش هئي ته پاڻ ملون ۽ توکي ڪتاب ڏيان.

پر تون لاڙڪاڻي ڪيئن؟ اسان ته توکي الاهي ڀيرا چوندا هئاسين ته لاڙڪاڻي هل پر تون نه آئين اڄ ڪيئن آئين؟ مون چيو ته بس شايد توهان سان ملڻ آيس.

انهيءَ ڏينهن اسان خوب ڪچهري ڪئي، اسان جي ملڻ جي خوشي غوث کي اڃا وڌيڪ پئي ٿي. جو هن سمجهيو پئي ته اصل دوستي هئي اسان جي ڌار ڇو ٿياسين. ان ڏينهن  پروگرام ۾ اياز ڏاڍو خوش هو وڏي آواز سان ڳالهيون پئي ڪيائين وري منظور ڪوهيار جو اسٽيج ڊرامو ڏٺوسين. رات جو ڪمشنر هائوس ۾ پاڻ ۽ غوث آرام لاءِ ڪمري ۾ ويا ۽ اسان وري اڪبر، اسحاق سميجو ۽ ڪجھه ٻيا دوست ڪچهري ۾ ويهي رهياسين. اڪبر چيو سڀاڻي توهان کي گاڏي ڏيندس ڪراچي توهان کي ڇڏي ايندي. اياز ۽ غوث به چيو هو ته اسان گڏ هلنداسين.

رات جا 3.15 ٿيا هوندا ته اوچتو ڪو ماڻهو ڊوڙندي آيو توهان جي دوست جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي اسان فورن کيس سهارو ڏئي گاڏي ۾ آندو ۽ اسپتال وٺي آياسين. سندس شگر ٽيسٽ ڪرڻ تي خبر پئي ته اها 460 تي هئي. پاڻ آهستي آهستي هوش مان نڪري رهيو هو. اسان صبح تائين اتي علاج جي ڊوڙ ڊڪ ۾ بيٺا رهياسين آخر ڊاڪٽرن کيس ICU ۾ داخل ڪيو ۽ وينٽيليٽر لڳايو. اڪبر لغاري چيو ته آئون هتي موجود آهيان توهان ڀلي وڃو. غوث مطمئن نه هو مطمئن ته آئون به نه هئس ڇو جو حالت سڌري نه رهي هئي. اسپتال جي حالت به خراب هئي ڪا سهوليت نه هئي پر بي وس هئاسين. آئون ۽ هڪ ٻيو دوست ڪراچي نڪري آياسين. پر ٻئي ڏينهن اها منحوس خبر آئي ته اياز نه رهيو.

ماڻهو ۾ خالي مستي آهي ٺلهي ڀڳت ٿو ڪري آهي ڪجهه به نه پاڻي جو ڦوٽو ته آهي آيو ۽ ويو ڇا جي انا ڇا جي “مان” مون کي ته ائين لڳو ڄڻ اڪبر لغاري جي دعوت ته بهانو هئي. اياز پئي چيو يار هاڻ اچ ته پرچي پئون مون وٽ ته ٽائيم ناهي جو هاڻ ڪراچي اچان ، بس اڄ هاڻ لاڙڪاڻي اچ جو وقت ٿورو آهي.

هو کاهوڙي ماڻهو هو ،  شخصيت ۾ نرالو الڳ  ٿلڳ ،  سندس اندر جي ڪائنات خوبصورت هئي جنهن جو عڪس سندس شاعري ڏئي ٿي.

هن جي شاعري هن جو نثر هن جون تقريرون ڪنهن رواجي خاني ۾ ناهن هو ڪمال جو شاعر هو جنهن تي آئون ضرور مقالو لکندس. بس شيخ اياز جو شعر ذهن تي تري اچي ٿو.

يار سان پيار جي ڳالهه آ، ڪا ته اقرار جي ڳالهه آ

چنڊ لائون ٿو لهي مٿان، ڪنهن جي دلدار جي ڳالهه آ

اي  اياز ! اوچتو موت ڇو؟ بس اها خار جي ڳالهه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے