19 جمعہ , اکتوبر 2018

پاناما جي آءِ ٽي جو سربراهه واجد ضياءَ اسحاق ڊار خلاف شاهد طور عدالت ۾ پيش

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ناڻي وزير  اسحاق ڊار خلاف اثاثا ريفرنس جي ٻڌڻي دوران پاناما اسڪينڊل جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ  شاهد طور عدالت ۾ پيش ٿيو پر اصل رڪارڊ نه هئڻ سبب سندس بيان قلمبند نه ٿي سگهيو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جج محمد بشير واجد ضياءَ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ نه ڏني آهي. واجد ضياءَ عدالت کي ٻڌايو ته جي آءِ ٽي رپورٽ جو اصل رڪارڊ موجود ناهي، سمورو رڪارڊ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، وٽس رڳو ڪاپي آهي. احتساب عدالت جي جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اصل رڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو ويو هو، ٻيهر ياد ڏيارڻ لاءِ خط لکي ڇڏيون ٿا. هن چيو ته واجد ضياءَ جو بيان 12 فيبروري تي رڪارڊ ڪيو ويندو. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سپريم ڪورٽ کان اوريجنل رڪارڊ لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي، رپورٽ جو واليوم ون ۽ نائن اي گهرجي جنهن تي جج محمد بشير واجد ضياءَ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان وٽ جي آءِ ٽي رپورٽ نه آهي، واجد ضياءَ چيو ته مون وٽ ڪاپي آهي، اصل سپريم ڪورٽ کي ڏني آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Funds collected from Karachi via ransom, extortion for banned terrorist group: report

ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪري دهشگرديءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے