21 اتوار , اکتوبر 2018

مشال کي قتل ڪندڙ 57 مان هڪ جوابدار کي ڦاهي سزا، 26 آزاد

هري پور(م ڊ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مشال خان قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي موت جي سزا، پنجن ڄڻن کي عمر قيد ۽ 26 ڄڻن کي شڪ جو فائدو ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب مشال قتل ڪيس ۾ گرفتار 58 جوابدارن کي سينٽرل جيل هري پور ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج فضل سبحان جي سامهون پيش ڪيو ويو. اي ٽي سي جي جج فضل سبحان هڪ جوابدار کي موت جي سزا ۽ پنجنڄڻن کي 25-25 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ان موقعي تي هري پور جي سينٽرل جيل ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا ۽ جيل جي چوڌاري سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪيا ويا. عدالت پنجن پنجن جوابدارن کي گهرائي سزا ٻڌائي ڪل 58 جوابدارن مان 26 کي شڪ جو فائدو ڏئي آزاد ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته  مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ گذريل سال 13 اپريل تي جرنلزم جي 23 سالن جي شاگرد مشال خان کي مڇريل هجوم مذهب جي توهين جو الزام مڙهي قتل ڪري ڇڏيو هو. عدالت 25 جوابدارن کي 4-4 سال قيد جي سزا ڏني، فيصلي موجب جوابدار عمران کي موت جي سزا هڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڏني وئي. عدالت چيو ته سرڪار عارف خان خلاف مضبوط ڪيس پيش ڪيو. ڪيس جا 3 جوابدار عارف ۽ ٻيا مفرور آهن. ڪيس جون 25 ٻڌڻيون ٿيون ۽ 68 شاهد پيش ٿيا. عدالت 27 جنوري تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو. مشال جي والد محمد اقبال جو چوڻ آهي ته هي اڌورو فيصلو آهي. آزاد ڪيلن کي به سزا ڏيڻ کپي. 4-4 سال سزا به گهٽ آهي، اها به سخت ڪئي وڃي. جڏهن ته مک جوابدار عارف ۽ ٻيا فرار آهن انهن کي به گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته منهنجون نياڻيون اڃا به محفوظ نه آهن کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن خيبرپختونخوا حڪومت به فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو اچڻ کان پوءِ مقتول جي ڀاءُ ايمل خان چيو آهي ته خيبرپختونخواهه پوليس کان اپيل آهي ته مفرور مرڪزي جوابدار کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي پوليس گهر جي حد تائين مناسب سيڪيورٽي ڏئي ۽ ان ضمن ۾ پوليس سان ڪا به شڪايت ناهي پر خيبرپختونخواهه پوليس مفرور جوابدار کي جلد کان جلد گرفتار ڪري. فيصلو اچڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي به گهر جو ڪو فرد اهڙي واقعي کان پوءِ وڇڙي وڃي ته تڪليف ٿيندي آهي، الله نه ڪري ڪنهن سان اهڙو واقعو ٿئي، مشال جي قتل ٿيڻ کان پوءِ اسان به هر وقت قتل ٿيون، منهنجي ماءُ اڄ به مشال کي ياد ڪندي تڙپندي آهي، اڄ به تڪليف ٿي رهي آهي ۽ مستقبل ۾ ٿيندي رهندي ڇو ته مشال جي کوٽ پوري نٿي ٿي سگهي.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوج بابت بيان تي نهال هاشمي خلاف درخواست داخل

لاهور ( م ڊ ) پاڪ فوج بابت بيان تي شهري مسلم ليگ ن اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے