19 جمعہ , اکتوبر 2018

آرٽيڪل 62 منجهيل آهي، نااهلي جي مدي بابت فيصلو ڪرڻ مشڪل ٽاسڪ هوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 62 ايف ون ايف تحت نااهلي جي مدي جي تشريح لاءِ 13 درخواستن تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته تسليم ڪيون ٿا ته آرٽيڪل 62 ون ايف منجهيل آهي، ان آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ مشڪل ڪم هوندو. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الحسن ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي شروعات تي راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 هڪ ٻي سان جڙيل آهن. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن 62 ايف تحت عدالت ڪنهن کي غير ايماندار قرار ڏي ٿي ته نااهلي جو مدو ڇا هوندو.  جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو ته هڪ اهڙو شخص آيو هو جنهن عدالت ۾ اعتراف ڪيو هو ته سندس ڊگري جعلي آهي، ان شخص استعيفيٰ ڏئي ٻيهر اليڪشن وڙهي ۽ ننڍي چونڊ ۾ کيس اڳ کان وڌيڪ ووٽ مليا.  چيف جسٽس چيو ته غير ايماندار ڊڪليئرڊ شخص جي نااهلي جو مدو ڇا ٿيندو. جسٽسعظمت سعيد شيخ رمارڪس ڏنا ته نااهلي جو مدو ڊڪليئريشن برقرار رهڻ تائين موجود رهندو. عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت وڌ کان وڌيڪ مدو پنج سال هئڻ گهرجي.  جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته 18 هين ترميم ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف جو مدو ڇو نه لکيو ويو آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جي نظر ۾ آرٽيڪل 62 ۽ 63 آزاد ۽ الڳ الڳ آهن، جيستائين ڊڪليئريشن موجود رهندي ته نااهلي موجود رهندي. راءِ حسن نواز جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ ابهام آهي، واضح ناهي ته ڊڪليئريشن ڪهڙي عدالت ڏيندي. عاصمه جهانگير چيو ته پارليامينٽ اڃا تائين آزاد ناهي، 1985ع تائين ڪنهن ميمبر جي نااهلي لاءِ عدالتي فيصلو ضروري ناهي. هن چيو ته سندس اصيل راءِ حسن نواز کي ڪمپني ۾ اثاثا نه ٻڌائڻ تي نااهل ڪيو ويو جڏهن ته ڪمپني جو اثاثو وڪرو ٿي چڪو هو ۽ ڪمپني سندس نالي به ناهي. سندس چوڻ هو ته جيڪو ڪم پارليامينٽ نه ڪيو آهي اهو عدالت ڪيئن ٿي ڪري سگهي، سياسي معاملن تي فيصلا پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو تاثر درست ناهي ته پارليامينٽ آزاد ناهي. هن چيو ته فرض ڪريو ته آرٽيڪل 62 مبهم آهي، عدالت ڪنهن مبهم آرٽيڪل کي رد ڪيئن ٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪنهن به مبهم آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ جو طريقيڪار ڪهڙو هوندو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته عدالت ايمانداري جو تعين ڪري سگهي ٿي، بي ايمان شخص ڪجهه عرصي بعد ايماندار ڪيئن ٿي ويندو. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت مضبوط سوال حل ڪري سگهي ٿي، هاڻي ڏسڻو آهي ته آرٽيڪل 62 ون ايف جو سوال مضبوط آهي؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف مبهم آهي، اعتراف ڪريون ٿا ته ان آرٽيڪل جي تشريح ڪرڻ مشڪل ٽاسڪ هوندو. هن چيو ته ممڪن آهي ته گهٽ کان گهٽ ۽ وڌ کان وڌ مدي جو فيصلو ڪري سگهون، وري ان صورت ۾ ڪيس ٽو ڪيس فيصلو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته هي ادارو قائم ۽ دائم رهندو، اداري ۾ تمام گهڻا سمجهدار ماڻهو ايندا. ٻڌڻي بعد عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻي ڪيس ۾ وڌيڪ ڪنهن کي نه ٻڌو ويندو، سومر تي اٽارني جنرل دليل ڏي، جنهن بعد ڪيس جي ٻڌڻي 12 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shutdown in Kashmir a day after forces gun down two militants

قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري چئن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر( ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے