20 ہفتہ , اکتوبر 2018

انگور ڊپريشن ختم ڪرڻ ۾ مددگار

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ)ماهرن چيو آهي ته انگورن ۾ موجود هڪ مرڪب ڊپريشن کي گهٽ ڪرڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اهو ڪيميائي مرڪب هڪ طرف ته ذهني دٻاءُ کي برداشت ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ڊپريشن ٿيڻ سبب دماغي تبديلين کي نارمل ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪيترن ئي قسمن جا انگور ۽ ان جي ٻجن ۾ موجود جزن کي گڏ ملائي استعمال ڪيو وڃي ته ان سان ذهني دٻاءُ واري ڊپريشن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڊپريشن ۽ دماغي دٻاءُ ۾ استعمال ٿيندڙ 50 سيڪڙو دوائون تمام اثرائتيون ثابت نه ٿيون ٿين ۽ انهن جو استعمال ختم ڪندي ئي مريض ٻيهر ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃي ٿو. نيويارڪ ۾ واقع مائونٽ سينائي يونيورسٽي ۾ نيورولوجي جي ماهر گيوليو ماريا پيسي نيٽي ۽ ان جي ساٿين ڊپريشن جي علاج جي هڪ متبادل طريقي تي ڪم ڪندي انگورن مان نڪرندڙ ڪجهه مرڪبن کي استعمال ڪيو. ان کان اڳ انگورن ۾ موجود پولي فينولز نالي مادا ڊپريشن ۾ فائديمند ثابت ٿيندا آهن پر ان جا دماغ تي اثرن جي ڪنهن کي خبر نه هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

World Food Day 2018:These Are Foods Lowest In Fat Content

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خوراڪ جو عالمي ڏينهن اڄ ملهايو پيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے