19 جمعہ , اکتوبر 2018

سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿي ويو. 3 مارچ تي ٿيندڙ سينيٽ چونڊن لاءِ چئني صوبن ۾ سياسي پارٽين جي اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن جي شيڊيول موجب اميدوارن جي فهرست 9 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ 12 فيبروري تائين جاري رهندي. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ رد يا منظور ٿيڻ خلاف 15 فيبروري تائين اپيلون ڪري سگهبيون، جنهن کانپوءِ 18 فيبروري تي اميدوارن جي فهرست جاري ڪئي ويندي ۽ 19 فيبروري اميدوارن جا نالا واپس وٺڻ جي آخري تاريخ هوندي. واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب جي 12-12، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي 11-11 سيٽن تي 3 مارچ تي ڄاڻايل اسيمبيلن ۾ پولنگ ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shutdown in Kashmir a day after forces gun down two militants

قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري چئن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر( ويب ڊيسڪ) قابض ڀارتي فوج بارا مولا ۾ فائرنگ ڪري 4 ڪشميرين کي شهيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے