20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: ميهڙ ويجهو چنگچي ڪلٽي، نينگري فوت، نينگر ۽ 2 عورتون سخت زخمي

ميهڙ ويجهو چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ چئن سالن جي نينگري فوت  ۽  ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

قاضي عارف لنڪ روڊ تي تيز رفتاري سبب چنگچي رڪشا جو ٽائر نڪري ويو، جنهن جي نتيجي ۾ چنگچي رڪشا ڪلٽي ٿي پيو

حادثي جي نتيجي ۾  چئن سالن جي نينگري سميران کوسو موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته 6 سالن جو عمران،  مسمات حميران مسمات نذيران زخمي ٿي پيا،

ڀرپاسي جي ماڻهن حادثي جو شڪار ٿي ويل نينگري جو لاش ۽ زخمين کي ميهڙ اسپتال پهچايو، جتي زخمي عورتن ۽ نينگر کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي

حادثي جو شڪار نينگر ۽ زخمي ڳوٺ شاهه محمد کوسي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن، نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے