16 منگل , اکتوبر 2018

لالچ مُڙس کي اَنڌو ڪري ڇڏيو، ڏاج نه ڏيڻ تان زال جي بُڪي وڪرو

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اولهه بنگال جي رهواسڻ ريتا سرڪار نالي عورت الزام مڙهيو آهي ته منهنجي مڙس ڏاج نه ڏيڻ تي منهنجي بُڪي ڪڍرائي ڇڏي آهي. سندس موجب منهنجي مڙس ڏاج نه ڏيڻ جي ڏوهه ۾ پنهنجي ڀاءَ سان گڏجي منهنجو گڙدو کپائي ڇڏيو آهي. ڀارتي اخبار سان ڳالهائيندي ريتا سرڪار جو چوڻ هو ته مڙس مون کان سدائين ڏاج جو مطالبو ڪندو هو ۽ ان سبب جي ڪري مون کي ڪيترن ئي سالن کان تشدد جو نشانو بڻايو پئي ويو، ان دوران مان پنهنجي مڙس کي معدي جي تڪليف بابت ٻڌايو، جنهن کانپوءِ مڙس مون کي ڪلڪتي جي هڪ خانگي اسپتال وٺي ويو ۽ مون کي چيو ويو ته تنهنجو اپينڊڪس جو آپريشن آهي، جنهن کانپوءِ تنهنجي تڪليف ختم ٿي ويندي پر مون کي خبردار به ڪيو ويو هو ته ان آپريشن جو ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيان. هن چيو ته گذريل سال منهنجي طبعيت خراب ٿي ۽ هڪ ڊاڪٽر وٽ ويس، جتي انڪشاف ٿيو ته منهنجي ساڄي بُڪي گم آهي، ٻئي طبي معائني ۾ پڻ گڙدو نه هجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، مون کي خبر پئجي وئي آهي ته ڏاج جو مطالبو پورو نه ڪرڻ تي مڙس منهنجو گڙدو کپائي ڇڏيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو آپريشن بابت نه ٻڌائڻ جو به چيو ويو. هوڏانهن پوليس انسپيڪٽر موجب متاثر عورت جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري سندس مڙس ۽ ڏير کي گرفتار ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مسلم ليگ ن جي هنيل سمورن پاور پلانٽس جي آڊٽ ڪرائينداسين: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے