16 منگل , اکتوبر 2018

سينيٽ چونڊون: پي ٽي آءِ جو اسحاق ڊار جا نامزدگي ڪاغذ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن ۾ اسحاق ڊار جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان عمران خان پنجاب جي اڳوڻي گورنر چوڌري محمد سرور ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف اڳواڻ ميان محمود الرشيد کي ذميواري ڏني آهي. ان ڏس ۾ تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ اسحاق ڊار جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪيو ويندو، اسحاق ڊار پاڪستان مان پئسو چوري ڪري ٻاهر ڀَڳل آهي، ان سميت ن ليگ جا اهڙا سڀ اميدوار، جيڪي اهليت تي پورا نٿا لهن، انهن جي نامزدگي ڪاغذن کي چئلينج ڪنداسين، عمران خان ان حوالي سان چوڌري محمد سرور ۽ ميان محمود الرشيد کي ذميواري ڏني آهي. هن چيو ته اسحاق ڊار مني لانڊرنگ ۾ ملوث ۽ پاڪستان جو پئسو چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر ڀڄي ويو آهي، هو عدالتن کي منهن ڏيڻ بدران سينيٽ چونڊون وڙهڻ پاڪستان ايندو؟.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت بجلي اگهن ۾ اضافو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت بجلي جي اگهن ۾ اضافو هڪ دفعو ٻيهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے