16 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم ۽ اردن جي شاهه عبدالله ۾ ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ اردن جي شاهه عبدالله وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اردن جو شاهه عبدالله ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي توڙي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن سول پروٽيڪشن ۽ سول ڊفينس ۽ هائوسنگ جي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ڪرڻ جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي درخواست رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ زينب زيادتي ۽ قتل ڪيس جھي جوابدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے