16 منگل , اکتوبر 2018

چونڊن جا رنگ ۽ آصف زرداري جي سياست

عبدالمجيد مغيري

چونڊن جي موسم ايندي ئي، سنڌ ۾ پاڪستان پپيلز پارٽي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ وڏا اتحاد جڙي پوندا آهن. هڪ، ٻه ٽي، تي ڳالهه نٿي بيهي، ڏهن کان پندرهن پارٽين جو اتحاد ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ ميدان سجائڻ واري ڏينهن کان اڳ ۾ ئي سڀ جا سڀ پاڻمرادو ڊهي پوندا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن تڪليف جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ويندي آهي. جڏهن ته هر دؤر  کان، هر پاسي کان سخت مخالفت ۽ مٿس طرح طرح جي تنقيد به ٿيندي رهي ٿي، جمهوري  رستي چونڊ ٿئي ٿي ته، سنڌ جو عوام وڏي سوڀ ڏياري ڄڻ ته پنهنجو قرض لاهي ٿو، قرض لاهڻ کان پوءِ به قرض سمجهي ووٽ ڏئي ٿو.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، آخر ڇو سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي سان پنهنجو روح جو رشتو جوڙيون پيو اچي، ڪنهن به صورت ۾ کائنس پري ٿي بيهڻ لاءِ تيار ناهي!؟

اهڙن کوڙ سارن سوالن جا جواب ڪنهن جي ذهني سوچ مان ڪهڙا به ڦٽي پون، ڪهڙي به راءِ ڏيئي سگهي ٿو، پر اهڙن سوالن جي جواب ۾ منهنجي ذاتي راءِ اِهائي آهي ته “ڪيترين ئي ڪوتاهين، ڪمين پيشين جي باوجود به پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اڪثريتي نمائندا پارٽي آهي. سنڌ ۽ سنڌي عوام جون خوشيون، خوشحاليون ۽ وجود جي بقا پاڪستان پيپلز پارٽي سان ئي جڙيل آهن، ڇو ته سنڌي عوام کي ٻئي پاسي کان “رُڃ ئي رُڃ” سڃ ئي سڃ ڏسڻ ۾ پئي اچي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ نه ڪا اهڙي سگهاري پارٽي آهي، نه ئي ڪا اهڙي سياسي شخصيت، جنهن ڏانهن سنڌ جو عوام ڇڪجي اچي. هرڪو ٽوليون ٽوليون ٿي، ڌارو ڌار پنهنجون مفادن جون ديڳڙيون چاڙهيون ويٺا آهن. ديڳڙين ۾ سنڌ جا جيرا، جگر، بڪيون سڙي رهيا آهن. جڏهن سن جي سائينءَ جي وڇوڙي کان پوءِ خوابن خيالن ۾ به سنڌ، سنڌ چوندڙ سندس پوئلڳ به ويهه پارٽين ۾ ورهائجي ٽولڙيون ٿي پون ته اها صورتحال سنڌ جي بدبختي لاءِ ڪافي ناهي!؟  تڏهن ته سنڌ جو عوام پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ئي هجڻ کي پنهنجي لاءِ ڀلو سمجهي ٿو. ان اُميد سان ضرور بلاول ڀٽو زرداري سندن دردن جو درمانُ ٿي پوندو. ڏسو ماضيءَ جيئن هاڻي به سنڌ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سان چونڊن جي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ “جي ڊي اي” جي نالي سان گهڻ رخي پارٽين جو اتحاد جوڙيو ويو آهي.

ڇا اتحاد ۾ شامل سڀئي پارٽيون، ٽانگا پارٽين جي حيثيت نه ٿيون رکن؟ چند فردن تي مشتمل اهڙين پارٽين جي گڏجڻ سان ماضي جيئن هاڻي به پاڪستان پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ خيالي طوفان برپا ٿي ويو آهي. مخالفن طرفان روايتي بيان بازي  واري جادو گري شروع ٿي وئي، پاڻ کي مسيحا ثابت ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا حيلا وسيلا هلائڻ جي باوجود به سنڌ جي ماڻهن تي ذرو به اثر نه ٿو پوي، کين پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ٻئي پاسي جڏهن  به پاڪستان پيپلز پارٽي سان چونڊن ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ اهڙو نام نهاد اتحاد جڙي ٿو ته، اسان جي ليکارين فيس بڪي دانشورن کي خلاف لکڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ سٺو موقعو فراهم ٿئي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي دشمني ۾ هنن يارن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم کي نيست ۽ نابود ڪرڻ لاءِ وڏا گهات گهڙيندڙ سنڌ جا اصلي ويري به وسريو وڃن، ماضي ۾ سنڌ جي وڏوزارتي ڪرسيءَ تي ويهي حڪمراني هلائي سنڌ کي ڏنپ ڏيئي ويندڙ ڀوتار، مير، پير به وسريو وڃن، ٽانگا پارٽيون ٺاهي ذاتي مفاد  حاصل ڪندڙ ڪوڙا ليڊر به ياد نه هوندا آهن. بس! هنياءُ ڦاڙي وڏا وڏا ليک لکڻ شروع ڪندا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي کي سنڌ دشمن  چوڻ ۾ ديرئي نٿا ڪن. پر! جڏهن چونڊن جا ڏينهن، جيئن جيئن، ويجها ٿيندا ويندا آهن. تيئن تيئن ليکارين جا سمورا لکيل  ليک بي اثر ٿي پوندا آهن. ۽ اتحاد ڊهي پوندا آهن. ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويندي آهي.

هر دؤر ۾ ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. هاڻي به ائين ٿئي پيو “جي ڊي اي” ۾  شامل پارٽين ۾ ٽانگي ۾ ويهڻ جيترا ماڻهو به مشڪل سان هجن. اهڙي اتحاد کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو متبادل چوڻ  ٻٻرن کان ٻير گهرڻ  کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.

مان پهرين به “سياست جا نوان رنگ روپ” جي نالي سان ڪالم لکي “جي ڊي اي” اتحاد جي اندروني لڪل ڪهاڻي تان پردو کڻي چڪو آهيان. اڄ به وري ورجائي دعويٰ سان چوان ٿو ته “ جي ڊي اي” اتحاد ٺاهڻ ۾ سنڌ جي ٻن وڏين سياسي شخصيتن جي وچ ۾ اِهو معاهدو ٿيل آهي ته صوفين جي “ سنڌ ۾ ڪنهن به صورت ۾ انتهاپسند دهشتگرد طالبان جو حامي تحريڪ انصاف جي سربراهه  خان صاحب کي قدم رکڻ نه ڏنو ويندو. تنهنڪري اتحاد جوڙي پنهنجن ماڻهن  کي تحريڪ انصاف  ڏانهن  وڃڻ لاءِ روڪيو ويو ۽ چونڊن جا ڏينهن ويجها ٿيندي ئي ”جي ڊي اي“ اتحاد جا پساهه پورا ٿي ويندا. “جي ڊي اي” جي سربراهه پير پاگاري سائين کان سواءِ ، باقي يار ان خوش فهمي ۾ هئا ته، چونڊون نه ٿينديون، ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت جڙندڙ ۽ پوءِ ان جو مدو ڊگهو ٿيندو ويندو. اهڙي حڪومت  ۾ پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ “جي ڊي اي” ۾ شامل سياستدانن کي اهميت ڏيئي شامل ڪيو ويندو. پر! چيف جسٽس آف پاڪستان  ۽ آرمي جي سربراهه جا بيان اچي چڪا  آهن ته، “ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ چونڊون وقت تي ٿينديون” اهڙا بيان اچڻ کان پوءِ خاص ڪري “جي ِڊي اي” جي دوستن جي مٿي تي برف ڄمي وئي. سندن کان ڳالهائڻ به وسري ويو اٿن، مايوسين جي اونداهين ۾ گم ٿي رهيا آهن. ڪٿي به سندن آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. جڏهن سانگهڙ ضلعي مان اتحاد جي اهم سياسي شخصيت فنڪشنل ليگ جو امام الدين شوقين، فنڪشنل ليگ کي ڇڏي، آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري باقائدي سان پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. تڏهن ٻيا به ڪيترائي سنڌ جا سياستدان آصف علي زرداري سان دوستي رکڻ لاءِ ڏاڍا بيچين ٿي لڇي رهيا آهن ۽ ٿورن ڏينهن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آصف علي زرداري ڏانهن اچڻ جون تياريون  ڪرڻ ۾ مصروف آهن جن جا نالا ٻڌي/ پڙهي، خاص ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي خلاف زهر لکندڙ ليکارين ۽ فيس بوڪي دانشورن کي ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويندا. سندن ٺپ ئي ٺري پوندا. اها ڊوڙ ان ڪري شروع ٿي رهي  آهي. ٿيندڙ چونڊن ۾ سادي اڪثريت ڏياري  مرڪزي حڪومت اتحادين سان گڏجي ٺاهڻ جو موقعو  مهيا ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳيان 2013ع جون سموريون رنڊڪون هٽائي رستو صاف ڪري ڏنو پيو وڃي. ان جو مثال بلوچستان ۾ مسلم ليگ “ن” جي خاتمي ۾ آصف علي زرداري جي ڪرامتن ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي.

خيبر پختونخواهه ۾ سياسي شخصيتن سميت وڏي پيماني تي عام ماڻهن جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ وارن جلسن خان صاحب کي پريشانيون ڏيئي ڇڏيون آهن. لاهور جي موچي گيت تي 5 فيبروري جي ڏينهن ڪشميرين سان يڪجهتي طور پاڪستان پيپلز پارٽي جي جلسي ۾ ڇوليون هڻندڙ لاهور جي عوام کي ڏسي يقينن اڳوڻي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جون پريشانيون وڌي وينديون، ۽ اها ڳالهه به سمجهه ۾ اچي ويندس، ته کيس ان لاءِ هٽايو ويو آهي ته، هاڻي حڪومت لاءِ آصف علي زرداري جو وارو آهي. سينئر سياستدان جاويد هاشميءَ چيو هو “آصف علي زرداري جي سياست کي سمجهڻ لاءِ پي ايڇ ڊي ڪرڻي پوندي” ۽  پوءِ اهو نعرو به مشهور ٿيو هو “ ايڪ زرداري سڀ پي ڀاري”اهو نعرو هڪ ڀيرو ٻيهر واڪا ڪرڻ لڳو آهي. تازو بلوچستان جي سينئر سياستدانن ظفرالله خان جمالي صاحب جي پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت، پنجاب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٿيندڙ تاريخي جلسن کان پوءِ عام ماڻهو هڪٻئي کان سوال پڇي رهيا آهن ته “ڇا واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر “هڪ زرداري سڀ تي ڀاري ٿيندو!؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

تبديلي واري سرڪار ۽ آپگهاتي فيصلا

علي محمد ميمڻ ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام سان ڀريل جهاز، تبديلي سرڪار جي حوالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے