24 بدھ , اکتوبر 2018

ڇا سينيٽ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ جي گرفت مضبوط ٿيندي…؟؟

مصطفيٰ جمالي

پاڪستاني سياست جنهن اندر ڏينهن مان رات ۽ رات مان ڏينهن ٿيندي ديرناهي ٿيندي انهي سياست اندر پاڪستان مسلم ليگ ڇا حاصل ڪيو آهي.مان سمجهان ٿو ته انهي سياست اندر جيڪا حقيقت ظاهر ٿيندي نظراچي رهي آهي انهي اندر پاڪستان مسلم ليگ ن جي گرفت گهڻي مضِبوط آهي.جڏهن ته ميان نواز شريف نااهل هجڻ جي باوجود به پنهنجي جماعت جو سربراهه چونڊجي چڪو آهي ۽ اقتدار کان الڳ هوندي به کيس وزيراعظم جهڙا ئي پاور مليل آهن،سندس چونڊيل وزيراعظم سندس اشاري تي هلي رهيو آهي،اتي پاڪستان مسلم ليگ ن ملڪ اندر پنهنجي سياسي سرگرمين اندر به خاصي مونجهاري جو شڪار پڻ آهي،ڇو ته پاڪستان مسلم ليگ ن عدالت جي نشاني تي آهي،ڪالهه به  سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج ميان ثاقب نثار چيو ته ،پيءُ ۽ ڌي پاران اهو چوڻ ته مونکي ڇو ڪڍيو ويو آهي، اهو آرٽيڪل پنج جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ايڪٽ61 جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته ججن کي ڪير به ٻاهر نه ٿو ڪڍي سگهي، عدليا کي آئيني تحفظ ڏنو آهي، ڪنهن به آئيني اداري کي ڌمڪائڻ ۽ تنقيد ڪرڻ آرٽيڪل 5 جي ڀڃڪڙي آهي، جڏهن ته توهين عدالت تي سزا ڇهه ميهنا قيد آهي، ان ڪري ميان نواز شريف مٿان هن وقت عدالت سڳوري لامارا ڏئي رهي آهي جنهن جي چنبي ۾ ميان صاحب ڪيڏي به مهل اچي سگهي ٿو.

ميان نواز شريف کي گهرجي ته پنهنجي زبان تي ضابطو رکي. نه ته ڪهڙي به وقت کيس توهين عدالت جي سزا  ملي سگهي ٿي. جيڪي اختيار عدالت کي آئيني طور مليل آهن، مان سمجهان ٿو ته ڳالهه پاڪستان جي سياست جي ڪجي ته ان ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي مد مقابل اهڙي ڪابه سياسي پارٽي ناهي جيڪا پاڪستان ۾ ايتري مضبوط هجي، جيتري پاڪستان مسلم ليگ ن آهي،اهو به سبب آهي، جو هن وقت پاڪستان جون ٻيون سياسي پارٽيون توڙي اپوزيشن پارٽيون پاڪستان مسلم ليگ ن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڏينهن رات محنت ڪري رهيون آهن، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته جيڪڏهن پاڪستان مسلم ليگ ن جو نه ڄنگهون ڇڪيون ويون  ته ايندڙ اليڪشن ۾ حڪومت وري به پاڪستان مسلم ليگ ن جي ٺهندي، انهيءَ ڪري 2018ع جي اليڪشن ۾ رنڊڪون پيدا ڪرڻ لاءِ اپوزيشن توڙي سياسي جماعتون جون ڪوششون جاري آهن، انهيءَ ڪري هاڻ ڏسڻو اهو ئي آهي ته ڇا واقعي سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿيندڙ ڪاميابي ميان نواز شريف کي انهيءَ بحران مان ڪڍي سگهندي.

سينيٽ جي ويب سائيڊ جي مطابق پاڪستان مسلم ليگ جا ٽوٽل 26ميمبر آهن ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جا 27ميمبر آهن جڏهن ته ٻين جماعتن جي ميبمبرن جو جائزو وٺجي  ته پوءِ به سينيٽ اندر پاڪستان مسلم ليگ ن  ئي آهي، جيڪا خاصِي مضبوط نظر اچي رهي آهي، مثال جي طور تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن تازو قانون سازي جي وقت پاڪستان مسلم ليگ ن جي سپورٽ ڪئي آهي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن کي ووٽ ڏنو، انهيءَ ڪري سينيٽ جي چونڊن اندر به ايم ڪيو ايم پاڪستان مسلم ليگ ن کي ئي سپورٽ ڪندي،هن وقت ايم ڪيو ايم جي ميمبرن جا پاڻ ۾ تمام گهڻا اختلاف هلي رها آهن پر عين موقعي تي سمورا ميمبر پاڪستان مسلم ليگ ن کي سپورٽ ڪندا،جيڪي پاڪستان مسلم ليگ ن جا حامي سجهيا پيا وڃن،انهيءَ کان علاوه عوامي نيشل پارٽِي جا 6 ميمبر پاڪستان جميعت علماءِ اسلام جا 5 ميمبر ۽ نيشل پارٽي جا 3ميمبر خيبرپختون خواهه ملي عوامي پارٽي جا ٽي ميمبر بلوچستان عوامي نيشنل پارٽي(اي) جا ٻه ميمبر به پاڪستان مسلم ليگ ن جا حامي سمجهيا پيا وڃن، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن پارٽين جا سمورا ميمبر ڪهڙي به صورت ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن کي سڌو سنئون يا اندرواني طور تي حمايت ضرور ڪندا،انهي ڳالهين کي سامهون رکندي اهو صاف نظر اچي ٿو ته  حڪمران جماعت وٽ اڃان به 104 جي  ايوان مان 60 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، جنهن ۾ خود مسلم ليگ ن جا پنهنجا 26 ميمبر به شامل آهن،جنهن مان اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڇهه يا ان کان وڌيڪ ميمبر پاڪستان پيپلزپارٽي يا تحريڪ انصاف ٽوڙي وٺي پوءِ به واضع اڪثريت پاڪستان مسلم ليگ ن جي ئي نظر اچي رهي آهي،جيڪا اڪثريت سينيٽ جي چونڊن ۾ کيس کٽرائڻ لاءِ ڪافي هوندي.

2018ع جي اليڪشن کان پهرين سينيٽ جي چونڊن تي نظر وجهون ته ڪيترن ئي تجزيڪارن جي مطابق پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽرن ۾ اضافو ٿي ويندو، جيڪي سيٽون 26مان وڌي ڪري 30 ٿي وينديون،جڏهن ته هڪ مشهور تجزيڪا جي مطابق اهي سيٽون26مان 35 به ٿي سگهن ٿيون.ان ڪري سينيٽ ۾ ن ليگ ئي مضبوط ٿي سگهي ٿي ۽ اهڙي صورت اندر پاڪستان پيپلزپارٽي سينيٽ کان محروم رهجي ويندي،پاڪستان جي آئين جي مطابق سينيٽ اندر ڪنهن به جماعت جي اڪثريت نه بجيٽ جي منظوري تي ڪو اثر وجهي سگهي ٿي ۽ نه ئي حڪومت سازي تي،سينيٽ جي ڪيتري اهيمت آهي، ان جو اندازو انهي ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿوته اڳوڻو وزيراعظم ميان نواز شريف ساڍا چار سال حڪومت جو وزيراعظم رهيو انهيءَ چار سال جي وقت اندر هو ڪيترا ڀيرا سينيٽ ۾ آيو، ان ڪري هاڻ اوهان فرض ڪيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن 2018ع جي سينيٽ جي چونڊن اندر پنهنجي طاقت 26مان 35 ڪري به وٺي ٿي ته پوءِ به انهي کي ڪا خاص وڏي ڪاميبابي نه ٿو چئي سگهجي، ڇو ته سينيٽ جي چونڊ ڪا زمين لوڏڻ واري اليڪشن ناهي ۽ ها اصل اليڪشن ايندڙ وقت جي آهي جيڪا پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيندي.

ڳالهه اڃان اتي ختم ناهي ٿي اچو ته حالتن جي ٻئي رخ تي ٿوري نظر وجهون پاناما ڪيس کان وٺي ختم نبوت جي ڌرڻي تائين ۽ پوءِ ماڊل ٽائون جي نجي رپورٽ تائين پاڪستان مسلم ليگ لاءِ وک وک تي ڪنڊا پکڙيل نظر آيا جنهن تي پاڪستان مسلم ليگ ن جو هلڻ مشڪل ٿي ويو هوُ،جنهن تي خود ميان نواز شريف اهو سوال اٿاريوته“مونکي ڇو ڪڍيو ويو”جڏهن ته کيس اهو به واضع ٻڌايو ويو ته کيس انهن قوتن ناهي ڪڍيو جن اڳين وزيراعظم کي ڪڍيو هو،جنهن بعد ميان نواز شريف فوج ۽ عدالت تي لاڳيتو تنقيد ڪندو پيو اچي، جنهن مان اهو به ظاهر ٿي رهيو آهي ته ميان نواز شريف لاڳيتو عدالتن تي نقيد ڪري رهيو آهي، جنهن مان اهو صاف ظاهر آهي ته هوُ پنهنجو ڪرپشن ڪيس عدالت ۾ نه پر عدالت کان ٻاهر وڙهڻ جو ڪوشش ۾ رڌل آهي جنهن جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو ان جو اندازو ميان نواز شريف اڃان تائين نه لڳائي سگهيو آهي.

ميان نواز شريف کي گهرجي ته عدالت جي خلاف سوچي سمجهي بيان بازي ڪري ۽ هرو ڀرو توهين عدالت ڪيس ۾ نه ڦاسي، ان ۾ ئي سندس بهتري آهي، ميان نواز شريف عدالت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي جيڪا تنقيد ڪري رهيو آهي اها به واضع ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عدالت کي نشانو بنائڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته ميان نواز شريف جهموري حلقن اندر پنهنجي ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن اندر هوُ چاهي ٿو ته ايندڙ الڪيشن ۾ سندس ووٽ بيڪ مضبوط ٿي ۽ ايندڙ وزيراعظم پاڪستان مسلم ليگ ن جو ئي هجي.

سينيٽ جي اليڪشن وقت موجوده اسميبليون اليڪٽورل ڪاليج بڻجي وينديون انهي ڪري جنهن مقبوليت جي ڳالهه مٿي ڪري آيا آهيون انهي سان سينيٽ جي چونڊن تي ڪو به اثرنه پوندو،جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي موجوده حالت جئين جو تئين ئي رهندي، حالانڪه انهي پس منظر ۾ اهو ئي نظر اچي رهيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن تي پردو رکڻ جي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ ن هن وقت عام چونڊن جي لاءِ ماحول ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے