16 منگل , اکتوبر 2018

ايم ڪيو ايم جي متبادل جي ڳولا

مظهر عباس

ايم ڪيو ايم جي سياست هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه واٽي تي بيٺل آهي، چئن سالن اندر هڪ اهڙي پارٽي، جيڪا ووٽ جي قوت سان ٽيهن سالن تائين راڄ ڪندي رهي، سا عملي طرح ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهي، اهو ان وقت ٿيو آهي جڏهن ايندڙ چونڊن ۾ مشڪل سان ٽي چار مهينا رهجي ويا آهن. ايم ڪيو ايم اندر جيڪي ڪجهه ٿيو آهي سو قيادت جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي، جنهن شهري سنڌ جي سياسي بحران کي ويتر ڳنڀير ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ۾ هيڏو وڏو سياسي خال ڪير ڀري سگهندو؟شهري سنڌ ۾ قومي ڌارا وارين سياسي جماعتن لاءِ هميشه گنجائش رهي آهي. خاص ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ، تحريڪ انصاف ۽جماعت اسلاميءَ کي موقعا مليا پر انهن مان ڪنهن به خال ڀرڻ ۽ پنهنجي جڳهه ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ڪراچيءَ ۾ ڪير به ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻائي متبادل ٿي نه ٿو سگهي پر ڪراچي جي سياسي سببن جو ادراڪ ڪندي پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهجي ٿي.

اڄ جي جيڪا صورتحال آهي تنهن ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن اسٽيبلشمينٽ جي نظر ۾ هڪ بند باب آهي. ڪجهه سال اڳ اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ٻڌايو هو ته مبينا پاڪستان دشمن سرگرمين سبب ڪراچيءَ جي سياست ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن کي گنجائش ۽ سهولت نه ٿي ڏئي سگهجي. 22 آگسٽ 2016ع تي ايم ڪيو ايم جي بانيءَ جي اعتراض جوڳي تقرير ۽ پاڪستان مخالف نعرن کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان حادثاتي طور وجود ۾ آئي جيڪا ايم ڪيو ايم جي حامين لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻي پر گذريل چند مهينن ۾ آيل تبديلين ۽ خاص ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، ان سندن اميدن ۽ آسن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو آهي.

شهر جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائمخانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪ سرزمين پارٽيءَ ڪراچيءَ جي سياست کي نئون نالو ڏيڻ چاهيو، ان لاءِ حقيقي آزمائش هلندڙ سال عام چونڊون هونديون. ڪراچيءَ سميت شهري سنڌ ۾ سمورن امڪانن تحت قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون هڪ کان وڌيڪ جماعتن ۾ ورهائجي وينديون. ايم ڪيو ايم پاڪستان هينئر پاڻ کي هڪ ٻيو زخم رسايو آهي، ڊاڪٽر فاروق ستار صورتحال کي سمجهڻ ۾ بري طرح ناڪام ويو ۽ معاملو بگاڙي ڇڏيو. آزاديءَ کان پوءِ مسلم ليگ اندر ئي مهاجرن پٺيان سياسي متبادل ڳوليو، سڀ کان پهريون هنن جون نگاهون لياقت علي خان ۽ ان کان پوءِ محترمه فاطمه جناح ڏانهن اٿيون. پهرين عام چونڊن ۾ ووٽرن جو لاڙو مذهبي جماعتن ڏانهن رهيو، جن ۾ جماعت اسلامي ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان نمايان آهن، جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو مان به کين اميدون رهيون. 1970 ع جي ڏهاڪي تائين مهاجر پنهنجي سڃاڻپ ۾ ناڪام رهيا. پهريون ڀيرو جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ اردو جي نالي تي لساني فسادن دوران”مهاجر ڪارڊ استعمال ڪيو.1977ع ۾ پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) جي تحريڪ ٻين سببن کان وڌيڪ شهري سنڌ جي حوالي سان ڀٽو  جي پاليسين خلاف هئي. اهو ئي سبب آهي جو جنرل ضياءُ الحق سنڌ جي ٻهراڙي ۾ پيپلز پارٽي ۽ شهري علائقن ۾ جماعت اسلامي به خلاف مهاجر ڪارڊ کيڏڻ جو سوچيو پر خود ضياءُ الحق کي به توقع نه هئي ته 1978 ۾ ٺهيل آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اي پي ايم ايس او) کي مهاجرن ۾ ايڏي وڏي پزيرائي ملندي.

جنرل ضياءَ، ڀٽي جي ڦاهي ۽ اٺين آئيني ترميم جي منظوريءَ تائين جماعت اسلاميءَ کي استعمال ڪيو ۽ مقصد پورا ٿيندي ئي 1984ع ۾ شاگرد يونين تي پابندي هڻي ڇڏي. اهو پهريون قدم هو، ٻيو قدم غيرسياسي بنيادن تي چونڊن جي صورت ۾ کنيو ويو هو، جيڪو سنڌ جي شهري علائقن ۾ جماعت اسلاميءَ ۽ جي يو آءِ  لاءِ وڏو ڌڪ ثابت ٿيو.سنڌ جي شهري علائقن جي سياست ۾ اهو پهريون اهم ڦيرو هو. ايم ڪيو ايم ان وقت تائين سياسي جماعت طور نه اڀري هئي پر اي پي ايم ايس او ڪيمپس جي سياست ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي رهي هئي، سياسي جماعتن لاءِ جيڪي ڪجهه ڀت تي لکيل هو سو سڀني جي سامهون هو.

1986ع ۾ ايم ڪيو ايم ٺهي، ان جو پهريون جلسو نشتر پارڪ ۾ ٿيو، ان وقت به ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي وڏي پيماني تي عوامي حمايت حاصل ٿيڻ جو يقين نه هو پر 1987ع وارين مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم فيصلائتي سرسي حاصل ڪئي، جيتوڻيڪ جماعت اسلامي به ڏتڙيل طبقي جي نمائندگي ڪري رهي هئي پر مڪاني چونڊن کان پوءِ ايم ڪيو ايم ان طبقي جي نمائنده جماعت طور سامهون آئي ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان جا ميئر چونڊيا ويا. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي.

ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر ۾ عام چونڊون کٽيون پر ٻين جماعتن لاءِ پريشانيءَ وارو عنصر اهو رهيو ته 1984ع کان 1988ع دوران تشدد پاڙون پختيون ڪري ورتيون. علي ڳڙهه ۽ قصبا ڪالوني جا واقعا ۽ حيدرآباد ۾ قتل عام ٿيو، جنهن سنڌ جي لساني سياست ۾ انتشار کي هوا ڏني. مثالي حمايت ملڻ جي ڪري پارٽي اندر مسئلن جنم ورتو. جڏهن سيڪٽر ۽ يونٽ آفيسن ذريعي علائقن کي جبري ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٻئي طرف اردو دان طبقي ايم ڪيو ايم جي قيادت سان احتجاج ڪندي ان کي طاقت جي سياست کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو.1990ع واري ڏهاڪي ۾ ميڊيا سان ٽڪراءُ به ايم ڪيو ايم جي تاثر کي ويتر مجروح ڪيو. ان باوجود چونڊن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ووٽرن ايم ڪيو ايم کي ئي ووٽ ڏنا پر بنا ڪنهن جواز جي ان مبينا طور تي مليل ووٽ ٻيڻا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهو تاثر ڏنو وڃي ته ان جي مقبوليت تيزي سان وڌي رهي آهي. بهرحال 1992ع کان پوءِ ايم ڪيو ايم کي جنهن نموني هلايو ويو تنهن به ”سياسي انجنيئرنگ“ جي حوالي سان سنگين سوال اٿاريا.

1992ع ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي قائم ٿي ان کي مهاجرن ۾ قبوليت حاصل ٿي نه سگهي، ايتري تائين جو ايم ڪيو ايم جي بانيءَ جي مخالفن به ان کي قبول نه ڪيو. آپريشن باوجود ايم ڪيو ايم جي عوامي حمايت برقرار رهي، عظيم طارق سميت ايم ڪيو ايم ۽ حقيقيءَ جا سوين ڪارڪن ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪار ٿيا. بدقسمتيءَ سان 1990ع واري ڏهاڪي ۾ پنهنجي خلاف آپريشن سان ايم ڪيو ايم ڪو سبق حاصل نه ڪيو. 2002ع ۾ هڪ ٺاهه تحت جڏهن ايم ڪيو ايم اڳوڻي فوجي صدر پرويز مشرف جي اتحادي بڻي ته ان وقت وٽس پاڻ سڌارڻ ۽ ڏتڙيل طبقي جي درست نمائنده جماعت ٿيڻ جو بهتر موقعو هو، اهو موقعو ايم ڪيو ايم ۽ ان جي بانيءَ جي وطن واپسي ۽ غلطين مان سکڻ جو بهترين موقعو هو. پرويز مشرف ۽ اسٽيبلشمينٽ ايم ڪيو ايم ۾ سڌارن بدران ان جي مبينا ويڙهاڪ شاخ جي پٺڀرائي ڪئي. 12 مئي 2007ع واري تاريخ ايم ڪيو ايم کي واپس 1990 واري ڏهاڪي ۾ وٺي وئي. 2008ع کان 2013ع جي وچ ۾ ايم ڪيو ايم کي ان کي نئين سر منظم ٿيڻ جو موقعو مليو.

پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۽ سنڌ ۾ ان جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا به صورتحال خراب ڪئي. ايم ڪيو ايم خلاف لياري گينگ وار کي استعمال ڪيو، 2013ع وارين عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪراچيءَ جي صورتحال سان نبرڻ جي غلط ۽ ناقص پاليسي جي ردعمل ۾ مهاجرن ايم ڪيو ايم کي ئي ووٽ ڏنا. بهرحال 30 سالن جي عرصي ۾ ايم ڪيو ايم جي متبادل کي گهٽ يا وڌ انجنيئرڊ ڪيو ۽ غلط طريقي سان منهن ڏنو ويو،

ايم ڪيو ايم جي باني 2013ع ۾ پنهنجي ئي ڪارڪنن کي پارٽي اڳواڻن سان بدسلوڪيءَ جي اجازت ڏئي پاڻ ئي نقصان پهچايو. اها ان جي خاتمي جي شروعات هئي، سو رڳو هن جي سياست ئي نه پر ايم ڪيو ايم به ان جي لپيٽ ۾ اچي وئي. هن 2013ع واري ڪراچي آپريشن جو به غلط اندازو لڳايو ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال جي ڳالهين تي ڪو ڌيان نه ڌريو ويو. فوجي اسٽيبلشمينٽ خلاف ويڙهه واري انداز ۾ خطاب جاري رکيا. هاڻي سنڌ جي شهري سياست ۽ چونڊن ۾ پهريون ڀيرو حيرانيءَ جو عنصر سامهون ايندو. ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن لاءِ پنهنجي ماضيءَ جي سياست مان گهڻو ڪجهه سکڻ جي ضرورت آهي، جي واقعي به کين پاڻ کي سڌارڻو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وچ اوڀر کنڊ (ڳاڙهو کنڊ) جي عظيم الشان تاريخ ۽ اڄ جون ڪمزوريون

پريم مٿراڻي آخري حصو وچ اوڀر جو غير تاريخي سرمائيداري تصور وچ اوڀر کنڊ، هن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے