19 جمعہ , اکتوبر 2018

پاڪستان ۾ سڪيورٽي آپريشن لاءِ ڪنهن کان خيرات نه گهري آهي: احسن اقبال

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا گهڻن معاملن ۾ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا، پاڪستان ۾ سڪيورٽي معاملن لاءِ ڪنهن کان خيرات نه گهري آهي. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع کان غافل ناهي، پاڪستان خلاف سازشون ڪندڙن تي نظر آهي پر سازش جو فڪر ناهي، پنهنجو گهر مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته عزت نفس واري قوم آهيون، برطانيا کان آزادي تنهن ڪري ئي حاصل ڪئي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا سڪيورٽي خدشا ختم ٿيڻ گهرجن. سندس چوڻ هو ته آمريڪا کان امداد بند نه پر عزت وارا دوستاڻا لاڳاپا چاهيون ٿا، پابندين جو نقصان آمريڪا سان گڏ پاڪستان کي به ٿيو آهي. احسن اقبال چيو ته تاريخ شاهد آهي ته اسان بدترين پابندين کي منهن ڏنو آهي، پاڪستان کي دٻاءَ ۾ آڻڻ جي پاليسي ڪامياب نه ٿيندي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سڪيورٽي آپريشن لاءِ ڪنهن کان خيرات نه ورتي آهي. هن چيو ته خطي جا ڪجهه ملڪ پاڪ آمريڪا لاڳاپا خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ڀارت افغانستان ۾ دهشتگردي ڪري رهيو آهي، افعانستان ۽ پاڪستان هڪ ٻي سان ڳنڍيل آهن ۽ رهندا. سندس چوڻ هو ته افغانستان جو امن اسان لاءِ اهم آهي ۽ آمريڪا به اسان لاءِ اهم آهي، اسان گڏجي افغانستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.  احسن اقبال چيو ته آمريڪا سڄي دنيا جي ٽيڪنالوجي جي ليڊر آهي، پاڪستان جي علائقائي خودمختياري جو احترام ڪرڻ گهرجي، پاڙيسري ملڪن سان برابري جي بنياد تي سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، تشدد ترقي جو جو دشمن آهي جنهن کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف جنگ پنهنجي وسيلن سان وڙهي آهي، اسان جي حڪومت ملڪ ۾ امن امان واپس آندو، دهشتگردي سٺو يا خراب نه هوندو آهي، دهشتگرد ته دهشتگرد آهي، دهشتگرد سڀني جا دشمن آهن، عالمي برادري گڏجي مقابلو ڪري، دهشتگردن خلاف ڄاڻ ڏني وڃي پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي. احسن اقبال چيو ته ٻين جي جنگ بدران ترقي ۾ مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان بجلي جو بحران ختم ڪيو، 11 هزار ميگا واٽ بجلي ٺاهي ۽ معيشت بهتر ڪئي. هن چيو ته ايندڙ نسلن کي نفرت ۽ تعصب کان پاڪ پاڪستان ڏيڻ چاهيون ٿا، سي پيڪ کي ڪاميابي سان اڳتي وٺي وڃڻ چاهيون ٿا، رٿا ۾ پرڏيهي سيڙپڪار دلچسپي وٺي رهيا آهن، ڀارتي حڪومت کي سي پيڪ جي مخالفت تي تنقيد کي به منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته سي پيڪ سان ڀارت کي به فائدو ٿيندو. سندس چوڻ هو ته افسوس آهي ته وزيراعظم کي ڏيڍ لک رپين جي فرضي پگهار تي فارغ ڪيو ويو، نواز شريف خلاف فيصلو قوم قبول نه ڪيو آهي، توهين عدالت نه ڪري رهيا آهيون پر فيصلي تي دنيا سوال اٿاريا آهن، سپريم ڪورٽ کي تڪراري بڻائيندڙ فيصلا نه ٿيڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Funds collected from Karachi via ransom, extortion for banned terrorist group: report

ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي مان عالمي پابندي مڙهيل تنظيم لاءِ فنڊ گڏ ڪري دهشگرديءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے