16 منگل , اکتوبر 2018

انتظار قتل ڪيس مان ايس پي مقدس حيدر ۽ ٻيا آفيسر آجا، اهلڪار ذميوار قرار

ڪراچي (رپورٽر) سي ٽي ڊي انتظار قتل ڪيس ۾ ملوث پوليس اهلڪارن کي سڌوسئون واقعي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، ايس ايس پي مقدس حيدر ۽ ٻيا پوليس آفيسر واقعي مان آجا ٿي ويا، سي ٽي ڊي اهڙي رپورٽ عدالت ۾ به پيش ڪندي، ذريعن موجب انتظار قتل ڪيس جي جاچ سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي هئي، سي ٽي ڊي پنهنجي جاچ دوران واقعي ۾ ملوث قرار ڏنل ايس ايس پي مقدس حيدر ۽ ٻين پوليس آفيسرن جو بچاءُ ڪندي صرف فائرنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار دانيال ۽ بلال کي انتظار جي قتل ۾ سڌوسئون ملوث قرار ڏنو ويو آهي، سي ٽي ڊي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ايس ايس پي مقدس حيدر جي اهڙي واقعي ۾ ملوث هجڻ بابت اڃان تائين ثبوت هٿ اچي ناهن سگهيا، واضع رهي ته 13 جنوري تي ڪراچي جي ڊفينسن واري علائقي ۾ اينٽي ڪارلفٽنگ سيل پوليس جي فائرنگ ۾ نوجوان انتظار پٽ اشتياق مارجي ويو ويو، مقتول جي والد جي سپريم ڪورٽ ٻين کان مدد جي اپيل ڪئي جنهن بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاچ جو حڪم ڏنو، 2 ڏينهن اڳ به مقتول انتظار جي والد خدشو ظاهر ڪيو هو ته هن کي انصاف ٿيندي نظر نه ٿو اچي. 04

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے