17 ہفتہ , نومبر 2018

هزار خان بجاراڻي پارٽي جو اثاثو هو: آصف زرداري

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ (رپورٽرز)اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ پاران مير هزار خان بجاراڻيءَ جي پونيئرن سان تعزيت. مير هزار خان پارٽيءَ جو اثاثو هو. يادگيرين جي ڪتاب ۾ تاثر. تفصيل موجب ڪالهه اڳوڻو صدر پاڪستان ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جو صدر آصف علي زرداري مير هزار خان جي ڳوٺ ڪرمپور پهچي سندس پونيئرن مير شبير علي خان بجاراڻي ۽ محبوب بجاراڻي سان تعزيت ڪئي ۽ دعاءِ مغفرت گهري. ان موقعي تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر عاصم پڻ گڏ هيو. ان موقعي تي تعزيت جي يادگيرين جي ڪتاب ۾ تاثرات قلمبند ڪندي آصف علي زرداريءَ لکيو ته مير هزار خان بجاراڻي پارٽيءَ جو اثاثو هو. هن ان موقعي تي پونيئرن کي دلجاءِ ڏيندي چيو ته مير هزار خان بجاراڻي پيپلز پارٽي سنڌ ۾ هڪ اهم رڪن هو، الله سندس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي.043041

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ هي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے