16 منگل , اکتوبر 2018

”اسٽيل مل چالو ڪري پگهارون ادا ڪريو“ ملازم سراپا احتجاج، ڌرڻو، نيشنل هاءِ وي بلاڪ

ملير (رپورٽ جميل چانڊيو) اسٽيل مل جي بحالي لاءِ هزارين پورهيتن جو پگهارون ۽ رهتون نه ملڻ خلاف قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، هزارين گاڏيون بيهجي ويون. احتجاج ڪندڙن طرفان جي ايم سيڪيورٽي رضا راڄپر سميت 36 کان وڌيڪ اسٽيل مل جي آفيسرن جي گرفتاري، اسٽيل مل جي گيس کولڻ ۽ پورهيتن کي پگهارون ۽ رٽائرڊ ملازمن کي رهتون جاري ڪري اسٽيل مل جي اسپتال کولڻ جو مطالبو ڪيو ويو. خبر موجب پاڪستان اسٽيل مل جي ٻن سالن کان گيس جي بندش، چئن مهينن جون پگهارون ۽ رٽائرڊ پورهيتن جي رهتن جي ادائيگي نه ڪرڻ خلاف ۽ ميڊيڪل، ٽرانسپورٽ ۽ ٻيون سهولتن جي فراهمي جي لاءِ هزارين پورهيتن چونڊيل انصاف ليبر يونين جي سڏ تي اسٽيل ٽائون ڀرسان پپري موڙ وٽ نيشنل هاءِ وي تي جنرل ڊيوٽي وارن ملازمن جون بسون روڪي نيشنل هاءِ وي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو. نيشنل هاءِ وي تي صبح 8 وڳي کان احتجاج سبب ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرانسپورٽ مڪمل طور تي بند ٿي وئي، احتجاج ۾ هزارين پورهيت اسٽيل مل جي بحالي، پگهارن ۽ رهتن جي ادائيگي لاءِ نعريبازي ڪئي. احتجاج کي خطاب ڪندي سي بي اي يونين جي جنرل سيڪريٽري ياسين ڄامڙو چيو ته پاڪستان اسٽيل مل پورهيتن جو اثاثو آهي، جنهن کي مافيا تباهه ڪيو آهي. پاڪستان اسٽيل مل جي انتظاميه فوري طور تي اسٽيل مل جي بحالي لاءِ قدم کڻي. اسٽيل مل جي سي اي او ۽ ٻئي انتظاميه جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن مان هڪ به وفا نه ٿيو آهي. هن چيو ته اڄ اسٽيل مل جا هزارين پورهيت دربدر آهن. وقت تي پگهارون نه ملڻ ڪري فاقا ڪشي واري صورتحال آهي. ٻن سالن کان پورهيت سراپا احتجاج آهن. ان جي باوجود وفاقي سرڪار اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته اسٽيل مل کي تباهه ڪندڙن 36 ماڻهن جا نالا ثبوتن سميت نئب وٽ آهن، جن ۾ هڪ نالو موجوده جي ايم سيڪيورٽي رضا راڄپر جو آهي. ان جي باوجود جي ايم سيڪيورٽي رضا راڄپر سميت ڪنهن به ڪرپٽ آفيسر خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ٿئي. سي بي اي چيئرمين چوڌري افضل خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان اسٽيل مل گذريل ٻن سالن کان بند آهي، وفاقي سرڪار کي ڪا به پرواهه نه آهي. اسٽيل مل کي چورن لٽي تباهه ڪيو. جنهن سبب اڄ اسٽيل مل بند ٿي وئي آهي. پورهيت ٽرانسپورٽ پگهارن ۽ رهتن سميت سمورين سهولتن کان محروم آهن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ بورڊ آف ڊائريڪٽر جي ميٽنگ ۾ جيڪڏهن اسٽيل مل جي بحالي لاءِ ڪو رستو نه ڪڍيو ويو ته احتجاج هاڻي اسلام آباد پارليامينٽ جي اڳيان ڪيو ويندو. مسلسل ٽي ڪلاڪ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو جاري رهيو، جنهن سبب ڪراچي ٺٽو ۽ ٻين شهرن جي ٽريفڪ مڪمل طور تي بند رهي. اڳواڻن سي اي او پاڪستان اسٽيل جي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪيو.  ڌرڻي کي سرور نيازي، عبدالله ميمڻ، شيراز جٽ، سليم گل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. 06

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے